اسلام آباد – 28 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته بلو??ست??ن جي وسيلن تي پهريون حق صوبي جي عوام جو آهي، ترقي جي حوالي سان منهنجو نظريو ماڻهن جي زندگي جي معيار کي بلند ڪرڻ سان ڳنڍيل آهي، بلو??ست??ن ۽ پاڪستان جو مستقبل محفوظ ۽ ذميوار هٿن ۾ آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته ڪالهه هن وفاقي وزيرن، آرمي چيف، بلو??ست??ن جي گورنر ۽ وڏي وزير ۽ حڪومتي آفيسرن سان گڏ گوادر ۾ اهم ڏينهن گذاريو، اسان ترقي، بنيادي ڍانچي ۽ تعليمي منصوبن جي هڪ سلسلي جو سنگ بنياد رکيو آهي جنهن سان علائقي جي تقدير بدلجي ويندي. وزيراعظم چيو ته هڪ اڌ ڪوششن جي باوجود بلو??ست??ن اسان جي گڏيل غفلت جو نشانو بڻيو آهي، ان صوبي ٻين وفاقي اڪائين جي برابر ترقي نه ڪئي آهي جو شرم جو سبب آهي. وزيراعظم چيو ته ترقي جي لاءِ ان جو نظريو ماڻهن جي زندگي جي معيار کي بلند ڪرڻ سان ڳنڍيل آهي. ماڻهن جي سماجي ۽ معاشي ترقي ۽ ڀلائي ئي حقيقي ترقي جي ضامن آهي. وزيراعظم چيو ته بلو??ست??ن جي وسيلن تي پهريون حق صوبي جي عوام جو آهي، جڏهن انهن جي ۽ انهن جي ٻارن جي زندگي ۾ بهتر تبديلي ايندي ته اهي ترقي جا مالڪ ۽ حصي??ار بڻجي ويندا. وزيراعظم چيو ته گذر??ل سال ايندڙ بدترين ٻوڏ دوران هن بلو??ست??ن جي سمورن متاثر علائقن جو دورو ڪيو ۽ حالتن جو پاڻ مشاهدو ڪيو. وزيراعظم چيو ته هو سمجهي ٿو ته پاڪستان جي ترقي بلو??ست??ن جي ترقي سان ڳنڍيل آهي. وزيراعظم چيو ته ليپ ٽاپ ورهائڻ جي تقريب دوران بلو??ست??ن جي نوجوانن سان سندس ملاقات ان دوري جو هڪ اهم حصو هئي. انهن نوجوانن جي چمڪندڙ چهرن کيس يقين ڏياريو آهي ته بلو??ست??ن ۽ پاڪستان جو مستقبل محفوظ ۽ ذميوار هٿن ۾ آهي.