ابوظهبي – 28 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد ش??با?? شريف گڏيل عرب امارات جي هڪ ڏينهن جي دوري جي موقعي تي ابوظهبي محل پهچي ويو. گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زايد النهيان وزيراعظم جو محل پهچڻ تي گرمج??شي سان استقبال ڪيو. ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ ملاقات ۾ وزيراعظم محمد ش??با?? شريف گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زايد النهيان سان سندس ڀاءُ شيخ سعيد بن زايد النهيان جي لاڏاڻي تي دلي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. وزيراعظم گڏيل عرب امارات جي صدر جي ڀاءُ جي لاڏاڻي تي پوري پاڪستاني قوم پاران افسوس جو اظهار پڻ ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم محمد ش??با?? شريف چيو ته پاڪستان ۽ گ??يل عرب امارات جي وچ ۾ گڏيل عقيدي ۽ ڀائيچاري جي بنياد تي مضبوط لاڳاپا قائم آهن. گڏيل عرب امارات جي صدر ملاقات ۾ وزيراعظم محمد ش??با?? شريف جي دوري تي سندس ٿورا مڃيا ۽ پاڪستان ۽ گ??يل عرب امارات جي وچ ۾ مضبوط سفارتي لاڳاپن جو پڻ ذڪر ڪيو. ملاقات ۾ ناڻي وارو وفاقي وزير اس??اق ڊار ۽ خاص معاون طارق فاطمي پڻ وزيراعظم سان گڏ هئا.