اسلام آباد – 12 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سانوڻي جي موسم جي وڻڪار?? مهم جي شروعات ڪري ڇڏي. ان سلسلي ۾ هڪ خصوصي تقريب ۾ وزيراعظم ??وٽ?? هڻي وڻڪار?? مهم جو افتتاح ڪيو. تقريب ۾ گهرو وزير راڻا ثناءُ الله، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزي??، مسلم ليگ (ن) جو اڳواڻ حنيف عباسي، سي ڊي اي چيئرمين نورالامين مينگل ۽ راولپنڊي، اسلام آباد سان تعلق رکندڙ مسلم ليگ (ن) جا ٻيا اڳواڻ پڻ موجود هئا. ان موقعي تي وزيراعظم کي وڻڪار?? مهم کي ڪامياب بڻائڻ جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته بهار موسم جي وڻڪار?? مهم دوران اسلام آباد ۾ ساڍي 9 لک ٻوٽا هڻڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو هو جنهن کي پورو ڪيو ويو. سانوڻي جي موسم جي وڻڪار?? مهم دوران اسلام آباد ۾ مجموعي طور تي 5 لک ٻوٽا هنيا ويندا جن مان سوا لک ٻوٽا اڳ ۾ ئي لڳايا ويا آهن. سي ڊي اي چيئرمين نورالامين مينگل ٻڌايو ته جنگلي شهتوت جي جڳهه وفاقي گادي واري شهر ۾ نم، شيشم سميت ٻيا ماحول دوست ٻوٽا هنيا ويندا. هن ٻڌايو ته اسان سول سوسائٽي کي پڻ وڻڪار?? مهم ۾ شامل ڪيو آهي ۽ وڻڪار?? مهم دوران گهٽ ۾ گهٽ 8 فوٽ جا ٻوٽا هنيا ويندا ۽ انهن جي سارسنڀال کي پڻ يقيني بڻايو ويندو.