اسلام آباد – 08 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان (اڄ) سوئٽزرلينڊ جو پرڏ??هي وزير اگنازئيو ڪاسيس ملاقات ڪندو. وزيراعظم آفيس ميڊيا ونگ مطابق وزيراعظم ۽ سوئس پرڏ??هي وزير جي موجودگي ۾ پاڪستان ۽ سوئٽزرلينڊ وچ ۾ قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ سهڪار جي مف??همتي يادداشت تي صحيون ڪيون وينديون. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي پاڪستان ۾ ڊيزاسٽر منيجمنٽ کي بين الاقوامي معيار جهڙو بڻائڻ جي ويزن تحت پاڪستان ۽ سوئٽزرلينڊ وچ ۾ مف??همتي يادداشت تي صحيون هڪ اهم قدم آهي. مف??همتي يادداشت تي صحين کانپوءِ پاڪستان ۽ سوئٽزرلينڊ وچ ۾ قدرتي آفتن ج?? امڪاني نقصانن ج?? اڳڪٿي، فوري امدادي ڪاروائين ۽ بحالي جي قدمن ۾ سهڪار کي هٿي ملندي.