اسلام آباد – 14 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وطن جي لاءِ خدمتن ۽ ق??با??ي تي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪندي قوم پاران انهن جي خا??دا??ن جا ٿورا مڃيا آهن. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو ??ظهار هن پاڪ فوج جي شهيدن جي پونئيرن سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. هن شهيدن ۽ انهن جي خا??دا??ن جي ايثار جي جذبي تي انهن کي سلام پيش ڪيو. صدر شهيدن جي وطن جي لاءِ خدمتن ۽ ق??با??ي تي خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر 9 جون تي ميران شاهه ۾ ش??يد ٿيندڙ جوانن جي وارثن سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر صوبيدار اصغر، سپاهي نسيم ش??يد ۽ محمد زمان ش??يد جي پونئيرن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر 31 مئي تي حيدر خيل ۾ ش??يد ٿيندڙ سپاهي ثاقب الرحمان جي وارثن سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر قوم پاران شهيدن جي خا??دا??ن جا ٿورا مڃيا. ڊاڪٽر عارف علوي شهيدن جي درجن جي بلندي لاءِ پڻ دعا ڪئي. هن پونئيرن سان همدرديءَ جو ??ظهار ۽ انهن جي لاءِ صبر جي دعا ڪئي.