اسلام آباد – 26 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وز??ر مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان هر شيءَ جو الزام ج??رل باجوه تي هڻي ٿو، هو جواب ڏي ته ڇا هو رڳو هيليڪاپٽر جي سير لاءِ وزارت عظميٰ جي ڪرسيءَ تي ويٺو هو؟ پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي وز??ر سوال ڪي?? ته ڇا 2018ع ۾ حڪومت باجوه ٺاهي هئي؟ عالمي سازش باجوه ڪئي؟ توشه خانه جون گهڙيون باجوه جي چو?? تي چوري ڪي??ن؟ عدت ۾ شادي باجوه جي چو?? تي ڪئي؟ ملڪ رياض کان هيرا، زمينون پنڪي باجوه جي چو?? تي رشوت ۾ ورتيون؟ سي پيڪ باجوه جي چو?? تي روڪيو؟ معيشت تباهه، آءِ ايم ايف معاهدي جي خلاف ورزي باجوه جي چو?? تي ڪئي؟ هن چيو ته ڇا مير جعفر کي ايڪسٽينشن ۽ ٻي ايڪسٽينشن جي آفر باجوه جي چو?? تي ڏني؟ بوزدار ۽ پرويز الاهي کي وڏو وز??ر باجوه جي چو?? تي هنيو؟ پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جون اسيمبليون باجوه جي چو?? تي ٽوڙيون؟ هن چيو ته عمران خان رڳو پنهنجي مرضي سان 55 رپين ۾ بني گالا کان وز??راعظم هائوس هيليڪاپٽر جو سير ڪندو هو؟.