اسلام آباد – 28 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان 29 ۽ 30 مارچ تي جمهوريت بابت ٻي سربراهي ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت تي آمريڪا ۽ ٻين شريڪ ميزبان ملڪن جا ٿورا مڃيندي چيو ??هي ته هڪ متحرڪ جمهوريت طور پاڪستان جي عوام جمهوري قدرن سان گهري وابستگي رکي ٿي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان ۾ ميڊيا جي سوالن جا جواب ڏيندي چيو ويو ??هي ته پاڪستانين جي نس??ن وقت بوقت جمهوريت، انساني حقن ۽ بنيادي آزادين بابت پنهنجي اعتماد کي برقرار رکيو ??هي، هلندڙ مهيني قوم 1973ع جي آئين جي 50 هين سالگرهه ملهائي رهي آهي جيڪا پاڪستان ۾ جمهوري سياست جو سرچشمو آهي. ترجمان چيو ??ه اسان آمريڪا سان پنهنجي دوستي جو قدر ڪريون ٿا، بائيڊن انتظاميا دوران اسان جا گ??يل لاڳاپا ڪافي حد تائين وسيع ۽ وڌيا آهن، اسان خطي ۾ امن، استحڪام ۽ خوشحالي جي لاءِ پنهنجي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهيون. بيان ۾ چيو ويو ??هي ته پاڪستان ان سمٽ جي عمل جو حصو ناهي رهيو ??يڪو 2021ع ۾ شروع ٿيو ??نهن ۾ ملڪن سان ڪجهه قومي واعدا ڪرڻ جي ضرورت هئي. ترجمان وڌيڪ چيو ??ه سربراهي اجلاس جو عمل هاڻي هڪ اعليٰ درجي جي مرحلي تي آهي، ان لاءِ پاڪستان جمهوري اصولن ۽ قدرن کي فروغ ڏيڻ، مضبوط ڪرڻ ۽ انساني حقن ۽ بدعنواني جي خلاف جنگ ک?? اڳتي وڌائڻ جي لاءِ آمريڪا ۽ سربراهي اجلاس جي شريڪ ميزبانن سان ٻطرفو تعاون ڪندو.