اسلام آباد-17 مارچ (اي پي پي) مسلم ليگ (ن) جي سينيٽر عرفان صديقي چيو آهي ته سينيٽ طرفان آئين جي گولڊن جوبلي جي موقعي تي اجلاس منعقد ڪرڻ انتهائي خوش آئنده آهي، اڄ درپيش معاشي بدحالي ۽ سياسي ڏڦيڙ جو سبب هي آهي ته جمهوريت جو سفر اڳتي وڌڻ نه ڏنو ويو، آئين تي ڌاڙو هڻن ۽ ان سان کيڏڻ جي اجازت ڏيندڙن جا نالا سامهون اچڻ گهرجن. پارليامين?? هائوس ٻاهران ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي هن چيو ته سينيٽ طرفان آئين جي گولڊن جوبلي جي موقعي تي اجلاس منعقد ڪرڻ انتهائي خوش آئنده آهي، سيني?? هائوس آف فيڊريشن ۽ وفاق جو گهر آهي، اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا پوري قوم کي سينيٽ جي ڪردار کان آگاهه ڪرڻ ??اءِ بهترين ڪردار ادا ڪيو آهي، هن چيو ته اجلاس جي پڄاڻي تي سينيٽ ۾ هڪ قرارداد جي منظوري ڏني وئي. مون هن قرارداد ۾ ترميم ڪرڻ ??اءِ سينيٽ سيڪريٽري کي پنهنجي ترميم جمع ڪرائي، هن پنهنجي تجويز ڪيل ترميم ميڊيا جي نمائندن کي پڙهي ٻڌائي جنهن ۾ چيو ويو هو ته هي ايوان سمورن فوجي آمراڻي دورن جي مذمت ڪري ٿو جنهن ملڪ جو آئين ٽوڙيو ۽ ان کي معطل ڪيو ۽ اهڙي طرح پاڪستان جي عوام جي بنيادي حقن تي ڌاڙو هنيو جڏهن ته پنهنجي حلف کان منهن موڙيندي آمرن جي غير آئيني قدمن جي توثيق ڪندڙن جي به مذمت ڪريان ٿو. هن چيو ته هي ڄاڻايل ترميم صرف منهنجي خيالن نه پر پراڻي ۽ موجوده سينيٽرن جي گهٽ ۾ گهٽ 50 سيڪڙو تعداد آئين کي ٽوڙيندڙ ۽ ملڪ جي تقدير سان کيڏيندڙن خلاف ڳالهه ڪئي. هن چيو ته اڄ اسان جنهن معاشي بدحالي ۽ سياسي ڏڦيڙ تائين پهتا آهيون هي سڄو ڪجهه ان سبب ٿي رهيو آهي ته جمهوريت جو سفر اڳتي نه وڌڻ ڏنو ويو. سينيٽر عرفان صديقي چيو ته سينيٽ کي 50 سال مڪمل ٿي ويا، انهن 50 سالن ۾ ضياءُ الحق جي دور ۾ سينيٽ ۾ رنڊڪ به آئي، ڪيترن ئي ??يم??رن چيو ته جنهن آئين سازي ڪئي ۽ آئين جي تحفظ لاءِ ڪردار ادا ڪيو، انهن جي ساراهه ڪرڻ گهرجي ۽ جن ماڻهن آئين کي ٽوڙيو ا??هن جي مذمت ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته مون کي افسوس آهي ته سينيٽ جي متفقه قرارداد ۾ منهنجي ترميم شامل نه ڪئي وئي ۽ ان قراداد ۾ ڪيترن ئي ??يم??رن جي احساسن ۽ جذبن جي پوري طرح ترجماني ناهي ٿي.