اسلام آباد – 17 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سي پيڪ تحت چين پاران پاڪستان ۾ اٽڪل 62 ارب ڊالر جي متوقع سيڙپڪاري کي ساراهيندي واپار، سيڙپڪاري ۽ ڪاروبار جي بي پناهه امڪانن جي ڏس ۾ اميد ظاهر ڪئي ته ٻطرفو واپار جنهن جو ڪاٿو 27.8 بلين ڊالر آهي مستقبل ۾ خاطرخواهه اضافو ڪري سگهجي ٿو ۽ واپار جو توازن گڏيل طور تي فائديمند ٿيندو. صدر اها ڳالهه پاڪستان ۾ چين جي عهدو ڇڏيندڙ سفير نونگ رونگ سان ڳالهائيندي چئي جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪ??ي. صدر چ??و ته سي پيڪ تحت 19 منصوبا مڪمل ڪيا ويا، 28 تعمير هيٺ جڏهن ته 41 پائيپ لائين ۾ آهن، سي پيڪ بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ا??ٽو جو هڪ انقلابي فليگ شپ منصوبو آهي، جيڪو علائقائي ا??ن ۽ رابطاڪاري جي محور طور تي ڪم ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. هن وڌيڪ چ??و ته گوادر پورٽ، توانائي جا منصوبا، ٽرانسپورٽ، انفراسٽرڪچر ۽ خصوصي ا??تصادي زونز جي ترقي سميت صنعتي تعاون جي تيزي سان مڪمل ٿيڻ سان ملڪ جي واپار، ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري جي موقف ۾ تبديلي ا??ندي. صدر چ??و ته عالمي سطح تي تبديلين سان گڏوگڏ سي پيڪ تي اڳڀرائي کي وڌيڪ تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي، زراعت جي فروغ لاءِ سي پيڪ جي ٻئي مرحلي تي تيزي سان عمل ڪيو وڃي. صدر چ??و ته جنوري 2020ع ۾ چين پاڪستان آزادي واپاري معاهدي تي صحيحن واپار کي وڌيڪ آزاد ڪيو آهي جنهن جي ??تي??ي ۾ واپاري ڪاٿي ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي. هن وڌيڪ چ??و ته 2021ع جي پهرين 11 مهينن جي ا??گن اکرن موجب ٻطرفو واپار 27.8 بلين ڊالر جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو آهي جيڪو 2020ع جي ا??هي مدي جي مقابلي ۾ 60 سيڪڙو وڌيڪ آهي. اهڙي طرح پاڪستان جي 3.6 بلين ڊالر جي روانگي واپار ۾ به سال به سال 68 سيڪڙي جو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو. صدر ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دفاعي ۽ سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي شعبن ۾ وسيع تعاون تي پنهنجي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ چين جي عوام ۽ صدر شي جن پنگ جا پاڪستان جي دل کولي مالي معاونت فراهم ڪرڻ تي دل سان ٿورا مڃيا جنهن سان ملڪ کي درپيش مالي صورتحال کي موثر طريقي سان منهن ڏيڻ ۽ ٻوڏ متاثرين جي تڪليفن کي گهٽ ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيو. هن چ??و ته ايوان صدر کي ملندڙ چيني گرانٽ جو استعمال هڪ ڊيجيٽل آئوٽ ريچ پليٽ فارم ٺاهڻ جي لاءِ ڪيو ويندو ته جيئن ذهني دٻاءُ يا دماغي صحت جي مسئلن کي منهن ڏيندڙ ماڻهن کي مدد فراهم ڪري سگهجي. هن چ??و ته خاتون اول پنهنجي برطانيا جي ا??ندڙ دوري دوران برطانيا ۾ رهندڙ پاڪستاني نفسيات ۽ دماغي مرضن جي ماهرن جي فعال شموليت حاصل ڪندي ته جيئن ذهني صحت جي مسئلن کي منهن ڏيندڙ ماڻهن کي آن لائين رهنمائي ۽ مشورا فراهم ڪري سگهجن. صدر عهدو ڇڏيندڙ سفير کي چيني سفارتڪاري جي بهترين روايتن موجب وقار سان چين جي نمائندگي ڪرڻ تي سارا??يو ۽ ان جي مستقبل جي پيشيواراڻي ذميوارين جي حوالي سان نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.