وزيراعظم پاران شهيد نويد صادق جي لاءِ هلال شجاعت ۽ شهيد انسپيڪٽر ناصر عباس جي لاءِ ستاره شجاعت ڏيڻ جو اعلان

image
APP62-060123 LAHORE: January 06 - Prime Minister Muhammad Shehbaz Sharif visits the house of martyred ISI Director Naveed Sadiq and offered condolences to his family. APP/ABB

اسلام آباد – 06 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف شهيد نويد صادق جي لاءِ هلال شجاعت ۽ شهيد انسپيڪٽر ناصر عباس جي لاءِ ستاره شجاعت ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم آءِ ايس آءِ جي شهيد ڊائريڪٽر نويد صادق جي گهر وڃي شهيد جي گهرواريءَ، پٽ ۽ ڌيءَ سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم نويد صادق جي گهرڀاتين سان همدردي جو اظهار ڪيو. وزيراعظم شهيد جي لاءِ فاتحه خواني ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف شهيد نويد صادق کي هلال شجاعت ۽ شهيد انسپيڪٽر ناصر عباس کي ستاره شجاعت ڏيڻ جو اعلان ڪندي چيو ته نويد صادق شهيد ۽ ناصر عباس شهيد تي پوري قوم کي فخر آهي، اسان جي شهيدن ملڪ جي تحفظ، سلامتي ۽ دفاع جي لاءِ ناقابل فراموش قربانيون ڏنيون آهن. وزيراعظم شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته نويد صادق دهشتگردي جي خاتمي لاءِ مثالي خدمتون سرانجام ڏنيون.

مضمون کا ماخذ : estatisticas para ganhar na loteria
متعلقہ مضامین
مزید خبریں