اسلام آباد– 11 – نومبر (اي پي پي) ??در ڊاڪٽر عارف علوي نيشنل ڊفينس يونيورسٽي ۾ 24 هين نيشنل سيڪيورٽي ورڪشاپ جي شرڪت ڪندڙن ۾ سرٽيفڪيٽ ورهايا. آءِ ايس پي آر موجب چئن هفتن تي ٻڌل ورڪشاپ ۾ سينيٽرز، قومي ۽ صوبائي اسيمب??ي ميمبرن، بيوروڪريٽس، سفيرن، هٿياربند فوج جي سينيئر آفيسرن سان گڏوگڏ سول سوسائٽي جي نمائندن شرڪت ڪئي جنهن جو مقصد قومي سلامتي ۽ پاڪستان کي درپيش چئلينجز جي ڏس ۾ سيڪيورٽي جي ماحول کي سمجهڻ ۽ مختلف رخن ب??بت وڌ کان وڌ آگاهي حاصل ڪرڻ آهي. ??در ڊاڪٽر عارف علوي خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي ورڪشاپ جي شرڪت ڪندڙن کي جامع قومي سلامتي ب??بت ورڪشاپ جي پڄاڻي تي مبارڪباد ڏني. هن ملڪ جي هر قسم جي قيادت جي لاءِ نيشنل سيڪيورٽي ورڪشاپس منق??د ڪرڻ ۾ نيشنل ڊفينس يونيورسٽي جي ڪردار کي ساراهيو.