اسلام آباد – 04 – نومبر (اي پي پي( وزيرا??ظم محمد شهباز شريف سان گڏيل قومن جي ريزيڊنٽ ڪوآرڊينيٽر/ هيومنٽيرين ڪوآرڊينيٽر جوليئن هارنيئس ملاقات ڪئي. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ وزيرا??ظم محمد شهباز شريف جوليئن هارنيئس کي موسمياتي تبديلي جي ڪري ملڪ ۾ آيل تاريخ جي بدترين ٻوڏ ۽ ان جي ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ ماڻهن جي زندگين تي پوندڙ مستقل اثرن کان آگاهه ڪيو. وزيرا??ظم حڪومت جي ريسڪيو ۽ ريليف جي ڪاررواين ۽ ٻوڏ متاثرين جي بحالي لاءِ قدمن تي پڻ روشني وڌي. وزيرا??ظم جوليئن هارنيئس کي ٻڌايو ته پاڪستان جيڪو اڳ ۾ ئي معاشي مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيو آهي، ٻ??ڏ جي ڪري 40 ارب ڊالر کان وڌيڪ جي نقصان کي منهن ڏئي رهيو آهي. وزيرا??ظم گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس جا پڻ ٿورا مڃيا جيڪو نه رڳو ٻوڏ متاثر علائقن جي دوري تي پاڪستان آيو پر مصيبت ۾ گهيريل پاڪستانين جي سڄي دنيا ۾ آواز بڻجي ويو. جوليئن هارنيئس پاڪستاني ٻوڏ متاثرين سان همدردي جو اظهار ڪندي انهن جي بحالي لاءِ گڏيل قومن پاران مڪمل حمايت کي ورجايو ۽ حڪومت جي متاثرين جي لاءِ وقت سر ريسڪيو، امداد ۽ بحالي جي قدمن کي مثالي قرار ڏنو.