اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اسلامي ملڪن جي تنظيم (او آءِ سي) جي فورم جي ذريعي سڄي دنيا ۾ اسلامو فوبيا جي وڌندڙ واقعن جي بنيادي سببن جي نشاندهي ??رڻ ۽ انهن کي گڏيل طور تي حل ??رڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي ??يو آهي ته او آءِ سي مسلمان امت جو گڏيل آواز آهي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار او آءِ سي جده ۾ پاڪستان جي نامزد سفير/ مستقل نمائندي سيد محمد فواد شير سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر ??يو ته او آءِ سي سڄي دنيا ۾ مسلمان اقليتن جي بنيادي انساني حقن جي تحفظ جي لاءِ موثر قدم کڻي. هن وڌيڪ ??يو ته دنيا کي ڀارت ۾ اقليتن خاص طور تي مسلمانن جي خلاف وڌندڙ تشدد جي واقعن جو نوٽيس وٺڻ گهرجي، هندوستاني هندوتوا نظري??ي جي سڄي دنيا ۾ حوصلا شڪني ??رڻ گهرجي. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته او آءِ سي جي سمورن ڀائر مسلمان ميمبر ملڪن ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ مثبت اڳڀرائي ۽ ڀارتي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن تي ظلم بند ڪرائڻ ۾ ڪردار ادا ڪندا. صدر معصوم فلسطينين جي خلاف اسرائيل جي تشدد ۽ غيرقانوني قدمن تي پنهنجي ڳڻتي جو اظهار ڪندي ??يو ته اهڙا قدم انساني قدرن، انساني حقن ۽ عالمي قانونن جي خلاف آهن. هن ??يو ته جيستائين فلسطين مسئلو حل نه ٿو ٿئي وچ اوڀر ۾ مستقل امن قائم نه ٿو ٿي سگهي. صدر ??يو ته پاڪستان او آءِ سي جي سائنسي ۽ ٽيڪنيڪي تعاون ڪامسٽيڪ) بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي ذريعي او آءِ سي ملڪن جي وچ ۾ سائنس ۽ ٽيڪنيڪي جي فروغ جي لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. هن وڌيڪ ??يو ته پاڪستان علامه اقبال اوپن يونيورسٽي ۽ ورچوئل يونيورسٽي جي تعليمي ماڊيولز جي ذريعي ميمبر ملڪن کي آن لائين تعليم ۽ آءِ ٽي جون مهارتون پيش ڪري سگهي ٿو. هن ??يو ته اٽڪل 8000 غيرملڪي شاگردن وچوئل يونيورسٽي مان فائدو کڻي رهيا آهن ۽ تعليم جي شعبي ۾ اسلامي ملڪن سان وڌيڪ تعاون سان ان انگ ۾ اضافو ڪري سگهجي ٿو. صدر نامزد سفير کي او آءِ سي جي ميمبر ملڪن جي وچ ۾ واپار وڌائڻ جي لاءِ ڪم ??رڻ جي هدايت ڪئي.