اسلام آباد – 10 – ??ڪٽ??بر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ سومر تي هڪ ڏينهن جي دوري تي ٿر پهچندو. وزيراعظم آفيس جي مي??يا ونگ پاران جاري بيان موجب ٿر جي دوري جي موقعي تي وزيراعظم کي ٿر ڪول پراجيڪٽ تي بريفنگ ڏني ويندي. وزيراعظم ٿر ڪول پراجيڪٽ ۾ ڪم ڪندڙ عورت ڊمپر ڊرائيورز سان ملاقات ڪندو. ان کانسواءِ وزيراعظم ٿر انرجي لميٽيڊ جي ڪنٽرول روم جو دورو ڪندو. ٿرڪول مائنز جي فيز ٽو جي افتتاحي تقريب ۾ خاص مه??ان طور شرڪت ڪندو ۽ تقريب کي خطاب ڪندو.