نيويارڪ – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ نيويارڪ ۾ مصروف ڏينهن گذاريندو ۽ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ مملڪتي ۽ حڪومتي سربراهن جي مان ۾ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس پاران ڏنل آجياڻي ۾ شرڪت ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس جي اعليٰ سطح بحث مباحثي جي افتتاحي اجلاس ۾ شريڪ ٿيندو. وزيراعظم فرانس جي صدر ايمنوئل ميڪرون، آسٽريا جي فيڊرل چا??سل?? ڪارل نيهمر، اسپين جي صدر پيڊرو سنچيز پيريز – ڪاسٽي جون ۽ ??ير??ن جي صدر ابراهيم رئيسي سان جدا جدا ملاقاتون ڪندو. ٽپهر وزيراعظم دي ٽائ??مز سينٽر جو دورو ڪندو ۽ نيويارڪ ٽائ??مز جي ادارتي بورڊ سان گڏ انٽرويو ۾ شريڪ ٿيندو. شام جو و??يراعظم سان آمريڪا جو موسمياتي تبديلي بابت خصوصي نمائندو جان ڪيري ملاقات ڪندو.