اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتيرس چيو آهي ته پ??ڪس??ان ۾ موسمياتي تبديلين جي ڪري ٻوڏ جهڙي قدرتي آفت درپيش آهي، ان صورتحال مان نڪرڻ جي لا??ِ وڏي امداد جي ضرورت آهي، عالمي برادري کي ٻوڏ متاثرين جي مدد لا??ِ پ??ڪس??ان سان ڀرپور تعاون ڪرڻ گهرجي، اڄ هي صورتحال پ??ڪس??ان کي درپيش آهي ته سڀاڻي ڪو ٻيو ملڪ به موسمياتي تبديلين کان متاثر ٿي سگهي ٿو. نيشنل فلڊ ريسپانس ڪوآرڊينيشن سينٽر (اين ايف آر سي سي) جي دوري جي موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف سان گڏيل پريس ٽاڪ ۾ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل چيو ته هو پ??ڪس??ان جي عوام جي لا??ِ اجنبي نه آهي، پ??ڪس??ان سان منهنجو گهرو رشتو آهي، هي منهنجي دل جي ويجهو آهي، اڄ کان 17 سال اڳ جڏهن هو گڏيل قومن جي پناهگيرن بابت هاءِ ڪمشنر جو سربراهه هو ته هن افغان پناهگيرن جي لا??ِ هتي ڪم شروع ڪيو. هن چيو ته پ??ڪس??ان گهٽ وسيلن جي باوجو?? 60 ??ک افغان پناهگيرن جي ميزباني ڪئي آهي. هن چيو ته 2005ع جي زلزلي ۽ 2010ع جي ٻوڏ کانپوءِ پ??ڪس??ان جو دورو ڪيو، دهشتگردي جي ڪري پ??ڪس??ان کي تمام گهڻو نقصان کي منهن ڏيڻو پيو ۽ ان جي عوام تمام مشڪلاتون برداشت ڪيون آهن، ان دوران به هو پ??ڪس??ان آيو جڏهن سوات مان لکين ماڻهو دهشتگردي جي ڪري بي گهر ٿيا، تڏهن آئون هتي هئس. هن چيو ته پ??ڪس??ان کي هن وقت تمام وڏو قدرتي سانحو درپيش آهي، ايتري قدر وڏي ڪاٿي جي قدرتي آفت ناهي ڏٺي، موسمياتي تبديلين جي اثرن سان لکين پ??ڪس??اني متاثر ٿيا آهن، ماڻهو بري حالت ۾ رهي رهيا آهن، انهن جا گهر، روزگار، فصلون تباهه ٿي ويون آهن، انهن سان همدردي جو اظهار ڪريون ٿا. سيڪريٽري جنرل چيو ته پ??ڪس??ان کي ان وڏي قدرتي آفت کي منهن ڏيڻ جي لا??ِ وڏا وسيلا گهربل هوندا، 30 ارب ڊالر جو ان ٻوڏ سان نقصان ٿيو آهي، هي يڪجهتي جو معاملو نه آهي پر انصاف جو معاملو آهي. هن چيو ته پ??ڪس??ان انهن ملڪن ۾ شامل آهي جن کي ماحولياتي تبديليون درپيش آهن، تازي ٻوڏ ۽ قدرتي آفت کانپوءِ اين ايف آر سي سي، حڪومتي ادارن ۽ اين جي اوز ڀرپور انداز ۾ متاثرين جي مدد لا??ِ ڪم ڪيو آهي. هن چيو ته پ??ڪس??ان جو موسمياتي تبديلين جي اثرن ۾ ڪو حصو نه آهي پر هو ان کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو آهي، ڪاربن گئسن جي اخراج ۾ پ??ڪس??ان جو حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي، موسمياتي تبديلين کي روڪڻ جي لا??ِ اسان سڀني کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، موسمياتي تبديلين سان جيتري قدر پ??ڪس??ان متاثر ٿيو آهي، دنيا ۾ ان جو مثال نه ٿو ملي، پ??ڪس??ان پاران موسمياتي تبديلين کان بچاءُ جي لا??ِ جيڪي قدم کنيا ويا آهن عالمي برادري ان جي معترف آهي، پ??ڪس??ان انهن ڪجهه ملڪن ۾ شامل آهي جيڪي موسمياتي تبديلين جي حوالي سان ڪم ڪري رهيا آهن. هن چيو ته هن مشڪل صورتحال مان نڪرڻ جي لا??ِ وڏن وسيلن جي ضرورت آهي، متاثرين جي ريسڪيو ۽ ريليف جي مرحلي کانپوءِ بحالي ۽ نئين سر تعمير جي مرحلي ۾ عالمي برادري ڀرپور تعاون ڪري. هن چيو ته اسان موسمياتي تبديلين جي ڪري قدرتتي آفتن جي دور ۾ رهي رهيا آهيون، اڄ اها صورتحال پ??ڪس??ان کي درپيش آهي ته سڀاڻي ڪو ٻيو ملڪ به موسمياتي تبديلين کان متاثر ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته عالمي برادري کي پ??ڪس??ان سان تعاون ڪرڻ گهرجي ۽ ٻوڏ متاثرين جي مدد لا??ِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته هو عالمي برادري کي هن مشڪل صورتحال ۾ پ??ڪس??ان جي مدد لا??ِ متحرڪ ڪنداسين. وزيراعظم شهباز شريف سيڪريٽري جنرل جي پ??ڪس??ان جي دوري تي ان جا ٿورا مڃيندي چيو ته ان پاران اهڙي وقت جڏهن پ??ڪس??ان تاريخ جي سڀ کان وڏي ٻوڏ ۽ قدرتي آفت جو شڪار آهي، ان موقعي تي پ??ڪس??ان جو ان پاران پ??ڪس??ان جي عوام جي لا??ِ خيرسگالي جو پيغام آهي، هو اهل پ??ڪس??ان کي اهو ٻڌائڻ آيو آهي ته هو مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ پ??ڪس??ان جي عوام سان گڏ بيٺل آهي، ان جي دائره ڪار ۾ دستياب وسيلن کي استعمال ۾ آڻيندو ۽ ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ متاثرين جي هر ممڪن مدد ڪنداسين، تباهه ٿيل انفراسٽرڪچر جي بحالي جي لا??ِ جيڪو ڪجهه ڪري سگهياسين ڪنداسين، بطور سيڪريٽري جنرل وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ۽ هاڻي اين ايف آر سي سي ۾ سندس ڳالهه ٻولهه مان لڳي ٿو ته هن پنهنجي سچي دل سان ڳالهه ڪئي آهي، ان جي ڳالهين مان لڳو ته هو هڪ درد دل رکندڙ پ??ڪس??اني وانگر ڳالهائي رهيو آهي. وزيراعظم چيو ته هو گڏيل قومن، عالمي برادري ۽ ملڪي سطح تي ملندڙ امداد جي هڪ هڪ پائي جي شفافيت سان استعمال جي خاطري ڪرائي ٿو.