پشاور – 04 – آگسٽ (اي پي پي) خيبرپختونخواهه جي وقتي گورنر مشتاق احمد غني ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته اسان هر محاذ تي ڪشميري عوام جي ??خلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکنداسين، والاريل ڪشمير ۾ صدين کان جاري ڀارتي ظلمن جي ڪري ڪشميري عوام تي هر لمحو ??اري آهي پر 5 آگسٽ 2019ع تي مودي حڪومت والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي قانوني حيثيت کي تب??يل ڪري ن?? رڳو والاريل ڪشمير جو بي رحماڻو استحصال ڪيو پر مظلوم ڪشميري عوام تي ظلم ۽ ڏاڍ جي هڪ نئين دور جي ??روعات ڪئي. اڄ خيبرپختونخواهه سميت سڄي ملڪ جي ??وام 5 آگسٽ تي ڪشمير استحصال ڏهاڙو ملهائي دنيا کي باور ڪرائي رهي آهي ته پاڪستاني قوم سدائين وانگر مظلوم ڪشميري عوام سان گڏ بيٺل آهي ۽ هر محاذ تي ڪشميري عوام جي ??خلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندي. مشتاق احمد غني جو چوڻ هو ته اڄ جي ڏينهن عالمي برادري کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته 5 آگسٽ تي ڀارتي حڪومت جو والاريل ڪشمير جي ??صوصي آئيني حيثيت تب??يل ڪرڻ، بدترين ڪرفيو ۽ ڀارتي فوج جو گهيراءُ ڀارت جي مڪروهه ارادن کي ظاهر ڪرڻ جي لاءِ ڪافي آهي جيڪو خطي جي ??من لاءِ تمام وڏو خطرو آهي، عالمي برادري کي ڏسڻ گهرجي ??ه ڪهڙي طرح ڀارت والاريل ڪشمير بابت گڏيل قومن ۽ سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي کليل خلاف ورزي ڪري رهيو آهي ۽ ڪشميري عوام تي هر گذرندڙ ڏينهن سان ظلمن ۾ اضافو ڪندو پيو وڃي جيڪو عالمي انساني حقن جي ??دارن جي لاءِ هڪ سخت امتحان ۽ فڪر جو لمحو به آهي.