ڪراچي – 02 – آگسٽ (اي پي پي) ڪراچي واپاري اتحاد جي سربراهه ۽ ناليواري واپاري عتيق مير ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمي?? ۾ ??سان جي ??ائرن ۽ ڀينرن سان پنهنجي اڻٿڪ ۽ پختي حمايت ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي. هن ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي حوالي سان اي پي پي سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جي ??شميري ڀائرن ۽ ڀينرن سان انس??ني?? جي تاريخ جو هولناڪ ترين سلوڪ ڪيو پيو وڃي ۽ اهي ڊگهي عرصي کان غيرانساني گهيراءُ ۾ قيد آهن. هن چيو ته ڪشميرين جو وحشياڻو گهيراءُ ختم ڪرائڻ ۽ والاريل ڄمون ۽ ڪشمي?? ۾ ??يرقانوني چرپر ۽ آبادڪاري کي روڪڻ جي لاءِ عالمي برادري کي ڀارت جو احتساب ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمي?? ۾ ??بادڪاري جو مقصد آبادي جي تناسب کي تبديل ڪندي مسلمانن کي هڪ اقليت ۾ تبديل ڪرڻ آهي. هن چيو ته اسان کي بيداري پيدا ڪرڻ ۽ ڪشمير جي آواز کي بلند ڪرڻ ۽ واضح ڪرڻ جي لاءِ استحصال ڏهاڙي کي پرجوش طريقي سان ملهائڻ گهرجي ۽ ملڪي ۽ عالمي سطح تي ڪشميرين جو پيغام پهچائڻ گهرجي.