اسلام آباد – 22 – اپريل (اي پي پي) وفاقي ڪابينا ۾ توسيع ڪند?? وڌيڪ 4 وزير شامل ڪيا ويا آهن جن ايوان صدر ۾ منعقد هڪ سادي ۽ پروقار تقريب ۾ حلف کنيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي نئين وفاقي وزيرن ۽ مملڪتي وزيرن کان حلف ورتو. حلف برداري جي تقريب ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف، سول ۽ فوجي عملدارن، حڪومت ۾ شامل اتحادي پارٽين جي اڳواڻن ۽ ٻين اهم شخصيتن شرڪت ڪئي. وفاقي ڪابينا ۾ جن نون وزيرن کي شامل ڪيو ويو آهي انهن ۾ ميان جاويد لطيف، آغا حسن بلوچ ۽ چوڌري سالڪ حسين کي وفاقي وزير بڻايو ويو آهي جڏهن ته محمد هاشم نوتيزئي کي مملڪتي وزير جي حيثيت سان ڪابينا ۾ شامل ڪيو ويو آهي. ان کان اڳ 19 اپريل تي پهرين مرحلي ۾ ڪابينا ۾ 30 وفاقي وزيرن ۽ 3 مملڪتي وزيرن کي شامل ڪيو ويو هو. ڪابينا ۾ اڳ ۾ ئي 3 صلاحڪارن کي به شامل ڪيو ويو آهي. وفاقي ڪابينا جي حلف برداري کان اڳ وزيراعظم محمد شهباز شريف پي ڊي ??يم ۾ شامل پارٽين ۽ ٻين اتحادي پارٽين جي سربراه?? سان ڪابينا جي جوڙجڪ جي لاءِ مشاورت ڪئي هئي جنهن کانپوءِ ڪابينا کي حتمي شڪل ڏني وئي هئي. اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته مسلم ليگ (ن) جي صدر محمد شهباز شريف 11 اپريل تي ملڪ جي نئين وزيراعظم جي حيثيت سان حلف کنيو هو، ان کان اڳ قومي اسيمبلي محمد شهباز شريف کي 174 ووٽ?? سان پاڪستان جي 23 هين وزيراعظم جي حيثيت سان چونڊيو هو.