اسلام آباد – 16 – اپريل (اي پي پي) سعودي عرب جي ولي عهد نائب وز??راعظم ۽ دفاع واري وز??ر شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز السعود وز??راعظم شهباز شريف کي ٽيليفون ڪئي ۽ کيس وز??راعظم جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. وز??راعظم آفيس جي ميڊ??ا ونگ پاران جاري بيان موجب وز??راعظم مبارڪباد تي ولي ع??د جا ٿورا مڃيا ۽ ٻنهي ڀائر اسلامي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ سعودي عرب سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. وز??راعظم محمد شهباز شريف خادم الحرمين شريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي مثالي قيادت ۾ سعودي عرب جي بي مثال ت??قي تي ان کي خراج تحسين پيش ڪيو. گذريل 7 ڏهاڪن دوران ٻنهي ملڪن جي ڀائراڻن ۽ تاريخي رابطن ۽ اسٽريٽجڪ حصيداري جو ذڪر ڪندي وز??راعظم محمد شهباز شريف انهن لاڳاپن کي نئين بلندين تائين وٺي وڃڻ جي لاءِ پنهنجي حڪومت ۽ پنهنجي عزم کي ورجايو. وز??راعظم محمد شهباز شريف ٻطرفن ۽ عالمي فورمن تي سعودي عرب جي تاريخي ۽ مسلسل حمايت ۽ تعاون تي ٿورا مڃيا ۽ سعودي ولي عهد کي يقين ڏياريو ته پاڪستان هر قسم جي حالتن ۾ سعودي عرب سان گڏ بيٺل هوندو. وز??راعظم محمد شهباز شريف ۽ سعودي ولي عهد سمورن شعبن خاص طور تي وا??ار، سيڙپڪاري ۽ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ ۾ پنهنجي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ وڌائڻ ۽ سگهه ڏيڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. سعودي ولي عهد وز??راعظم محمد شهباز شريف کي سعودي عرب جي دوري جي دعوت ڏني. وز??راعظم محمد شهباز شريف پڻ ولي عهد لي پاڪستان جي سرڪاري دوري جي دعوت ڏني.