اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير راڻا ث??اءُ الله چيو آهي ته هاڻي سينٽرل جيل جي حاضري رجسٽر جو صفحو مٽجي چڪو آهي، ??وه??ري چار سال ملڪ تي مڙهيل ۽ بيگناهه جيلن ۾ رهيا. گهرو وزارت جو قلمدان سنڀالڻ کانپوءِ پنهنجي مختصر بيان ۾ هن چيو ته الله تعاليٰ پنهنجي ڪرم سان بيگناهن کي عزت ڏني ۽ سرخرو ڪيو آهي. الله تعاليٰ جا ٿورا مڃان ٿو. هن چيو ته الله تعاليٰ پنهنجي قدرت جو ا??و نظارو عوام کي ڏيکاريو آهي، ٻين کي رسوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙ پاڻ خوار ٿي ويا آهن، هاڻي آئين ٽوڙيندڙ ۽ گهڙي چور جيلن ۾ ويندا.