اسلام آباد – 11 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي غير ملڪي سيڙپڪارن کي ملڪ جي آءِ سي ٽي سيڪٽر ۾ سيڙپڪاري لاءِ سهولت فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ان شعبي ۾ حڪومت پاران فراهم ڪيل مراعتن جي پيش نظر ترقي جي تمام گهڻي صلاحيت آهي، پاڪستان کي چوٿين صنعتي انقلاب جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ سان گڏوگڏ پرڏيهي ناڻو ڪمائڻ لاءِ آءِ سي ٽي جي شعبي ۾ انساني وس??لن جي تربيت ۽ مهارت تي به ڌيان ڏيڻو پوندو. صدر اهي ڳالهيون ايوان صدر ۾ پاڪستاني ڄائي آمريڪين کي آءِ سي ٽي جي شعبي ۾ شامل ڪرڻ بابت ا??لا?? جي صدارت ڪندي ڪيون. وزيراعظم جي واپار ۽ سيڙپڪاري واري صلاحڪار عبدالرزاق دئود، وزيراعظم جي سي پيڪ بابت خاص مددگار خالد منصور، اي ڪامرس بابت خاص مددگار سينيٽر عون عباس بپي، آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪام واري وزارت جي سيڪريٽري ڊاڪٽر محمد سهيل راجپوت، آمريڪا جي لاءِ نامزد سفير سردار مسعود خان، هائير ايجوڪيشن ڪميشن، اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان، سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان جي نمائندن ۽ حڪومت جي اعليٰ عملدارن ا??لا?? ۾ شرڪت ڪئي. سيليڪون ويلي ۾ مشهور پاڪستاني ڪاروباري شخصيتن ۽ آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير ڊاڪٽر اسد مجيد خان وڊيو لنڪ جي ذريعي ا??لا?? ۾ شرڪت ڪئي. ا??لا?? جي شرڪت ڪندڙن کي پاڪستان نيشنل سيمي ڪنڊڪٽر پلان (PNSP) جي ترقي تي اڳڀرائي جي باري ۾ بريفنگ ??ني وئي. ا??لا?? کي ٻڌايو ويو ته سيمي ڪنڊڪٽرز جي شعبي ۾ انساني وس??لن جي تربيت لاءِ قدم کنيا ويا آهن جنهن ۾ ترقي ۽ سيڙپڪاري جي وڏي گنجائش ?? امڪان آهن، شرڪت ڪندڙن کي اليڪٽرڪ گاڏين جون بيٽريون ٺاهڻ جا منصوبا، آئوٽ سورسڊ سيمي ڪنڊڪٽر اسيمبلي ٽيسٽ (OSAT) جي قيام ۽ لاڳاپيل صنعتن جي باري ۾ به بريفنگ ??ني وئي. ا??لا?? کي خطاب ڪندي صدر ان ڳالهه تي روشني وڌي ته آءِ ٽي جي صنعت تيزي سان ترقي ڪري رهي آهي ۽ پاڪستان کي چوٿين صنعتي انقلاب جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ سان گڏوگڏ پرڏيهي ناڻو ڪمائڻ جي لاءِ آءِ سي ٽي جي شعبي ۾ پنهنجي انساني وس??لن جي تربيت ۽ مهارت جي ترقي تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن وينچر ڪيپٽل ۽ پرائيويٽ ايڪويٽي فنڊز کي متوجهه ڪرڻ جي لاءِ اهڙا قدم کڻڻ جي ضرورت تي زور به ڏنو جنهن سان ملڪ جي اقتصادي ترقي کي تيز ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هن لاڳاپيل حصيدارن تي زور ڏنو ته پاڪستان ۾ آءِ ٽي ڪمپنيون قائم ڪرڻ جا خواهشمند سيليڪون ويلي آمريڪا جي پاڪستاني ڄائي آءِ ٽي ماهرن جي حوصلا افزائي ڪئي وڃي. صدر آمريڪا ۾ رهندڙ آءِ ٽي ماهرن کي ملڪ جي آءِ سي ٽي سيڪٽر ۾ سيڙپڪاري ۾ سهولت فراهم ڪرڻ ۾ پنهنجي تعاون جي خاطري ڪرائي.