اسلام آباد – 28 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي يونيورسٽين تي زور ڏنو آهي ته اهي ملڪ ۾ گريجوئيٽس ۾ اضافي ۽ آن لائين تعليم جي فروغ لاءِ پنهنجي تعليمي نظام جي سگهه ۽ موقعن ۾ اضافو ڪن، دنيا جي وڌندڙ ضرورتن تي پورو لهڻ جي لاءِ اعليٰ تعليمي نظام ۾ آن لائين تعليم تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سرحد يونيورسٽي آف سائنس اينڊ انفارميشن ٽي??نالاجي پشاور جي 14 هين ڪانووڪيشن کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر ??يو ته 2030ع تائين انفارميشن ٽي??نالاجي جي شعبي ۾ 80 ڪروڙ گريجوئيٽس جي ضرورت هوندي. پاڪستان جي لاءِ سڀني کي تعليم جي فراهمي، ترقي لاءِ اهميت رکي ٿي. آن لائين تعليم ان مقصد کي تيزي سا?? حاصل ڪرڻ جو واحد ذريعو آهي. هن مصنوعي ذهانت ۽ ڪمپيوٽنگ جي صدارتي قدم کي اهم قدم قرار ڏنو جيڪو ٽي??نالاجي کي اختيار ڪري ملڪ ۾ تعليم، تحقيق ۽ ڪاروباري نظام جي لاءِ انقلابي ثابت ٿي سگهي ٿو. هن ??يو ته پاڪستان ۾ نوجوانن جو وڏو انگ آهي جيڪو ملڪ جي لاءِ ترقي جو وڏو ذريعو ثابت ٿي سگهي ٿو. گريجوئيٽس کي معياري تعليم ۽ جديد مهارتن جي تعليم حاصل ڪرڻ گهرجي. هن ??يو ته دنيا انساني وسيلن جي ڏس ۾ پاڪستان طرف ڏسي رهي آهي. هن عالمي مارڪيٽ ۾ وڌندڙ ضرورتن جي ڏس ۾ انهن موقعن مان فائدو کڻڻ تي زور ڏنو. وزيراعظم عمران خان جي تازي چين جي دوري کي ترقي جي ڏس ۾ اهم قرار ڏنو. هن ??يو ته زراعت، فارماسيوٽيڪل، آٽو موٽو، ٽي??سٽائيل ۽ انفارميشن ٽي??نالاجي ۾ پاڪستاني شاگردن ۽ پروفيشنلز جي لاءِ وسيع موقعا موجود آهن. پاڪستان مستحڪم ملڪ طور اڀري رهيو آهي جنهن جي مختلف شعبن ۾ وسيع موقعا موجود آهن. هن نوجوانن تي زور ڏنو ته اهي ملڪ ۾ مايوسي جي بيانن تي ڌيان نه ڏين. هن مختلف شعبن ۾ پوزيشن ماڻيندڙ گريجوئيٽس کي مبارڪباد ڏني ۽ انهن تي زور ڏنو ته اهي اخلاقيات، اسلامي روايتن ۽ قومي سڃاڻپ جي اصولن تي عمل ڪندي سخت محنت ڪن.