اسلام آباد – 25 فيبروري (اي پي پي) سينيٽ ??يئرمين محمد صادق سنجراڻي سان قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب ملاقات دوران ٻنهي ايوانن ۾ قانونسازي ۽ بين معاملن بابت تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سينيٽ ??يئرمين چ??و ته قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ سٺيون روايتون قائم ڪيون آهن ۽ هڪ ٻئي سان انتظامي سطح تي رابطي کي تمام گهڻي اهميت ڏني وئي آهي. سينيٽ ??يئرمين محمد صادق سنجراڻي چ??و ته ٻنهي ايوانن جي وچ ۾ قانونسازي ۽ انتظامي معاملن جي حوالي سان تعاون مثالي رهيو آهي. ٻنهي اڳواڻن اميد جو اظهار ڪ??و ته ٻنهي ايوانن پاران التوا هيٺ پيل قانونسازي کي فوري طور تي مڪمل ڪيو ويندو. ملاقات ۾ سينيٽ جو ڊپٽي چيئرمين مرزا محمد آفريدي ۽ ٻيا سينيئرز پڻ م??جود هئا.