اسلام آباد – 19 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان افغانستان ۾ انساني بحران کي منهن ڏيڻ، خوراڪ جي تحفظ ۽ اقتصادي بحالي کانسواء?? دهشتگردي جي روڪٿام جي لاءِ اداراجاتي صلاحيت وڌائڻ جي لاءِ ڇهه نقاطي حڪمت عملي جون تجويزون پيش ڪري ڇڏيون. پارليامينٽ هائوس ۾ پرڏيه?? وزير شاهه محمود قريشي اسلامي تعاون تنظيم جي پرڏيه?? وزيرن واري ڪائونسل جي 17 هين غيرمعمولي اجلاس کي پنهنجي افتتاحي خطاب ۾ افغان عوام جي مدد جي لاءِ ڇهه نقاطي فريم ورڪ جي تجويز پيش ڪندي چيو آهي ته اسان کي ميمبر مل??ن ۽ ٻين ڊونرز پاران واعدن سميت افغان عوام جي فوري پائيدار انساني ۽ مالي مدد جي فراهمي جي لاءِ او آءِ سي جي اندر پليٽ فارم قائم ڪرڻ گهرجي. پرڏيه?? وزير چيو ته افغانستان کي انساني الميي کان بچائڻ جي لاءِ مسلمان امت ۽ عا??مي برادري کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. پرڏيه?? وزير چيو ته اسان کي افغان عوام جي لاءِ ٻطرفي يا او آءِ سي جي ذريعي افغان نوجوانن کي تعليم، صحت، فني ۽ پيشيواراڻي مهارت جهڙن شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ تي اتفاق ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته او آءِ سي، گڏيل قومن ۽ عا??مي مالياتي ادارن تي ٻڌل ماهرن جو هڪ گروپ جوڙيو وڃي ته جيئن افغان عوام جي جائز بئنڪاري نظام تائين پهچ کي آسان بڻائڻ ۽ افغان عوام جي ليڪويڊيٽي چئلينجن کي گهٽ ڪرڻ جي طريقن تي غور ڪري سگهجي. هن چيو ته اسان کي افغان عوام جي غذائي تحفظ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي جڏهن ته فوڊ سيڪيورٽي بابت اسلامي تعاون تنظيم کي انهن ڪوششن جي قيادت ڪرڻ گهرجي. پرڏيه?? وزير چيو ته اسان کي سياسي ۽ سماجي شموليت، انساني حقن خاص طور تي عور??ن ۽ ڇوڪرين جي احترام ۽ دهشتگردي کي منهن ڏيڻ جي حوالي سان عا??مي برادري جي اميدن تي پورو لهڻ ۾ مدد جي لاءِ افغان عملدارن سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ گهرجي. افغانستان ۾ خوفناڪ انساني صورتحال ۽ اتي معاشي بدحالي جي خطرن طرف اشارو ڪندي پرڏيه?? وزير چيو ته هي گڏيل تعاون جو هٿ وڌائڻ جو وقت آهي نه ڪي حمايت روڪڻ جو. هن چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي ان ڳالهه سان اتفاق ڪري ٿو ته انساني امداد بنا ڪنهن شرط جي فراهم ڪئي وڃي. هن چيو ته افغانستان ۾ وڏي انساني بحران ۽ اقتصادي تباهي جا نتيجا تباهي آڻيندڙ هوندا. پرڏيه?? وزير چيو ته دنيا فوري ڌيان نه ڏنو ته افغانستان ۾ انساني بحران شدت اختيار ڪري سگهي ٿو، ڪانفرنس دنيا جو ڌيان افغانستان تي ڇڪ??ائڻ جي لاءِ تمام اهم آهي، هن وقت افغانستان ۾ جنگ نه ٿي رهي آهي، بک جو مسئلو آهي، ان مقصد جي لاءِ افغانستان ۾ معطل بئنڪنگ سسٽم فوري بحال ڪرڻ جي ضرورت آهي.