اسلام آباد – 08 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چي?? آهي ته وفاق جي بار بار چوڻ جي باوجود سن?? حڪومت سرڪاري ڪڻڪ رليز نه ڪري رهي آهي، ان سان سنڌ ۾ ڪڻڪ 2400 روپيا مڻ ۽ 20 ڪلو جو اٽي جو ٿيلهو 1500 روپين تائين پهچي چڪ?? آهي، بلاول حڪوم?? سنڌ جي عوام کي مافيا جي رحم ڪرم تي ڇڏي ڏن?? آهي، عوام طرفان راءِ اچي ٿي پر اهڙي قدمن طرف ??ه وينداسين جنهن سان غير جمهوري رويو سامهون اچي، وفاق سنڌ جي عوام کي نه پهرين اڪيلو ڇڏي?? آهي ۽ نه هاڻي اڪيلو ڇڏيندو. هو بحري معاملن واري خاص مددگار محمود مولوي ۽ سنڌ مان ايم اين اي سيف الرحمان سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته سن?? حڪومت ڪڻڪ ۽ اٽي جي معاملي ۾ عوام تي ظلم ڪري رهي آهي، سن?? حڪومت هر سال عوام جي ٽيڪس مان خريداري ڪئي، سرڪاري ڪڻڪ وقت سر رليز ناهي ڪندي، هن چيو ته پنجاب ۽ خيبرپختونخوا ۾ سرڪاري اگهه 1950 روپين تي ڪڻڪ وقت سر جاري ڪئي وئي، ان سان اٽي جي قيمتن ۾ استحڪام رهيو، اڄ به پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ 20 ڪلو اٽي جو ٿيلهو 1100 روپين ج?? آهي، هن چيو ته پيپلزپارٽي سنڌ ۾ 13 سالن کان حڪومت ڪري رهي آهي، سنڌ جي عوام سان دشمني جاري آهي، بلاول زرداري جي سن?? حڪومت عوام کان ٻن ويلن جي ماني به کسي رهي آهي، هن چيو ته 5 آڪٽوبر تي غذائي تحفظ واري وزار?? سن?? حڪومت کي سرڪاري ڪڻڪ رليز ڪرڻ لاءِ ٻيهر خط لکيو پر اڃان تائين ان تي عمل ناهي ٿيو. سن?? حڪومت کي ڪو فرق نٿو پوي عوام کي ڪڻڪ، اٽي مافيا جي رحم ڪرڻ تي ڇڏي ڏن?? آهي، سن?? حڪومت پاران سرڪاري ڪڻڪ وقت سر رليز نه ڪرڻ جي ڪري اڄ سنڌ ۾ ڪڻڪ 2400 روپيا في مڻ ۽ اٽي جو 20 ڪلو جو ٿيلهو 14 سو کان 15 سئو روپين ۾ وڪرو ٿي رهي?? آهي ان جا ذميدار سن?? حڪومت ۽ بلاول آهن، اهي وقت اگهه وٺندڙ مافياز جي پٺڀرائي ڪري رهيا آهن. بلاول ٻڌائي آخر ڪيستائين سنڌ جي عوام کي مافيا جي رحم ڪرڻ تي ڇڏيندو، پنجاب جي آبادي سڀ کان وڌيڪ آهي، ان جي باوجود سرڪاري ڪڻڪ وقت سر جاري ڪئي ۽ نتيجا اٽي جون قيمتون گهٽ آهن، سن?? حڪومت کان مطالب?? آهي ته فوري طور تي سرڪاري ڪڻڪ رليز ڪري، سن?? حڪومت ٻڌائي ته سرڪاري ڪڻڪ ڪٿي آهي، پاڻ چوري ڪندا آهن ۽ هڻندا ڪوئن تي آهن، سنڌ جا ڪوئا به 13 ارب روپين جي ڪڻڪ کائي ويا، پيپلزپارٽي حڪومت جو چوري ڪيل پئسي مان پيٽ ڪڏهن نه ڀرجندو، هن چيو ته موجوده حڪومت ڏيڍ سال ۾ 30 ارب روپين جي سبسڊي ڏني، هڪ ڪروڙ 20 لک ماڻهن کي سڌو سنئون سبسڊي ڏيڻ وڃي رهيا آهيون، طريقيڪار طئي ٿي رهي?? آهي، هن چيو ته سن?? حڪومت کي ٽن سالن ۾ اين ايف سي جي مد ۾ 19 سئو ارب روپيا فراهم ڪيا آهن، ٻڌايو وڃي ته اهي ڪٿي استعمال ٿيا، هن چيو ته ڪراچي ٽرانسفرمشن پلان، گرين لائين بس سروس، ايئرپورٽ، نالن جي ري ماڊلنگ، ڪراچي فريٽ ڪوريڊور، سرڪلر ٽرين، اندروني سنڌ ترقي منصوبن تي وفاق ڪم ڪري رهي?? آهي، احساس ڪيش پروگرام تحت سڀني کان وڌيڪ 66 ارب سنڌ جي عوام ۾ ورهايا ويا، هن چيو ته 1967ع کانپوءِ پاڪستان ۾ ڪو وڏو ڊيم نه ٺهيو اسان جي حڪومت 10 وڏن آبي ذخيرن تي ڪم ڪري رهي آهي، هن چيو ته نومبر کان فيبروري وڌيڪ بجلي استعمال ڪندڙن کي 5 کان 7 روپيا في يونٽ سبسڊي ڏيندي.