اسلام آباد – 30 – سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي حڪومت انصاف جي ??راهمي جي ??نشور تي قائم ٿي آهي، ڪو به معاشرو سماجي ۽ معاشي انصاف کي قائم ڪرڻ کانسواٰءِ ترقي نٿو ڪري سگهي، هڪجهڙو تعليمي نصاب لاڳو ڪرڻ هڪ بهترين قدم آهي سڀ ??ان بهترين نمونو جنهن جي ??يروي ڪئي وڃي اهو نبي آخر الزام حضرت محمد ﷺ جي سيرت آهي ۽ موجوده تعليمي نصاب ۾ ان کي شامل ڪيو ويو آهي ته جيئن ايندڙ نسلن کي اسلام جي اصولن تي عمل پيرا ٿيڻ جي تربيت ڏئي سگهجي.
اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلام آباد ۾ مذهبي معاملن بابت عالمي ريسرچ ڪائونسل جي اهتمام هيٺ ”مسلم دنيا ۾ جمهوري تبديلي، چئلينجز ۽ موقعا“ جي ??وضوع تي منعقد ٿيندڙ ٽن ڏينهن واري ورڪشاپ ۾ شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي ڪيو. ڊپٽي اسپيڪر چيو ته پارليامينٽ مذهبي معاملن بابت ڪا به قانونسازي ڪرڻ کان پهرين اسلامڪ آئيڊيالاجي ڪائونسل کان ان تي راءِ وٺندي آهي، هن ان سلسلي ۾ اسلامڪ آئيڊيالوجي ڪائونسل جي ??ثبت ڪردار کي ساراهيو. هن چيو ته پاڪستان جي تخليق ننڍي کنڊ جي ??سلمانن جي ??ظرياتي جدوجهد جو نتيجو آهي،
هن چيو ته پاڪستان جي بانين علامه محمد اقبال ۽ قائداعظم محمد علي جناح هڪ اهڙي ملڪ جي ??اءِ جدوجهد ڪئي جتي سڀني کي برابر حق حاصل هجن ۽ هر شخص پنهنجي عقيدي موجب زندگي گذاري سگهي. هن چيو ته اسلام امن، هم آهنگي ۽ برابري جو درس ڏي ٿو، انتهاپسندي ۽ امتيازي سلوڪ جي ??في ڪري ٿو، اولهندي دنيا ۾ اسلامو فوبيا جي چئلينج جو ذڪر ڪندي هن اسلام جي امن جي ??يغام کي دنيا ۾ عام ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته افغانستان اسان جو ڀائر اسلامي پاڙيسري ملڪ آهي ۽ پاڪستان سدائين هڪ پرامن ۽ مستحڪم افغانستان جو خواهشمند رهيو آهي، هن چيو ته ضرورت جي ان وقت ۾ اسان پنهنجي افغان ڀائرن جي ??دد جاري رکنداسين، ان کانپوءِ ڊپٽي اسپيڪر ورڪشاپ ۾ شرڪت ڪندڙن ۾ سرٽيفڪيٽ به ورهايا.