اسلام آباد – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڀارتي فورسز پاران سيد علي گيلاني مرحوم جي گهرڀاتين جي خلاف ڪيس داخل ڪرڻ شرمناڪ قدم آهي. پن??نج?? هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته اڳ ۾ 92 سالا سيد علي گيلاني جيڪو محترم ترين ۽ بااصول ڪشميري اڳواڻن مان هڪ آهي جي ميت کسڻ ۽ پوءِ ان جي گهرڀاتين جي خلاف ڪيس ٺاهڻ نازين کان متاثر آر ايس ايس – بي جي پي سرڪار جي هٿان هندستان جي سفاڪيت جو هڪ ٻيو شرمناڪ مٿال آهي. وزيراعظم پن??نج?? ٽوئيٽ سان گڏ ڀارتي اخبار ٽائيمز آف انڊيا جي خبر پڻ شيئر ڪئي آهي، خبر موجب غيرقانوني طور ڀارت جي قبضي هيٺ والاريل ڪشمير جي پوليس سيد علي گيلاني جي تدفين جي موقعي تي ڀارت مخالف نعرا لڳائڻ ۽ مرحوم جي ميت کي پاڪستاني جهندي ۾ ويڙهڻ تي سيد علي گيلاني جي گهرڀاتين ۽ ٻين ماڻهن جي خل??ف بڊگام پوليس اسٽيشن ۾ ايف آءِ آر داخل ڪ??ائ?? ڇڏي آهي.