اسلام آباد – 13 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم ??مران خان چيو آهي ته ٻاهرين ملڪ ره??دڙ پاڪستاني اسان جو قيمتي اثاثو آهن، مٽ??سٽا جي ناڻي جي وڌ??دڙ انگ اکر سندن حڪومت جي پاليسين تي اعتماد جو ثبوت آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ترجيحاتي شعبن تحت ٻاهرين ملڪ ره??دڙ پاڪستانين کي مٽ??سٽا جو ناڻو موڪلڻ ۾ آساني ۽ وڌيڪ سهولت ڏيڻ بابت جائزي اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت فياض ترين، وزيراعظم ??ي خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر رضا باقر، نادرا چيئرمين محمد طارق ملڪ ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ناڻي واري وزارت ۽ اسٽيٽ بئنڪ گڏجي مٽ??سٽا جو ناڻو موڪلي??دڙ ٻاهرين ملڪ ره??دڙ پاڪستانين لاءِ هڪ جامع پيڪيج تيار ڪري رهيا آهن جنهن ۾ نه رڳو موڪليل رقم جي حساب سان مالي مراعتون ۽ انعام شامل آهن پر بينيفشري اڪائونٽ ک??لڻ ۽ رقم جي فوري منتقلي به يقيني بڻائي پئي وڃي، ڄاڻايل نظام لاءِ هڪ ڊجيٽل ايپليڪيشن به تياري جي مرحلي ۾ آهي، مراعتن جي فراهمي لاءِ 9 وڏن قومي ادارن سان گڏجي ڪم ڪيو پيو وڃي جيڪو سفري سهولتن لاءِ شناختي دستاويزن جي تياري، ضروري شين جي خريداري، ٽيڪس جي ادائيگي، انشورنس ۽ ٻارن جي تعليمي خرچن ۾ رعايتون ۽ مراعتون فراهم ڪندو، اي??دڙ مهيني جي شروع تائين ڪم مڪمل ڪري پروگرام باقاعده جاري ڪيو ويندو، وزيراعظم ??ن موقعي تي چيو ته ٻاهرين ملڪ ره??دڙ پاڪستاني اسان جو قيمتي اثاثو آهن ۽ مٽ??سٽا جي ناڻي جا وڌ??دڙ انگ اکر حڪومت جي پاليسين تي اعتماد کي ظاهر ڪن ٿا. وزيراعظم ??نهن قدمن بابت مقرر ڪيل عرصي ۾ ڪم جي تڪميل کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڏيندي چيو ته منصوبي جي ڪڙي نگراني لاءِ لائحه عمل جوڙي شڪايتن جي ازالي لاءِ پورٽل به منصوبي جو حصو بڻايو وڃي.