اسلام آباد – 09 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي ڪلين اينڊ گرين پاڪستان ??هم هڪ تحريڪ جي شڪل اختيار ڪري وئي آهي، پوري پاڪست??ني قوم ماحولياتي تبديلي جي خراب اثرن کان بچڻ لاءِ وڻ پوکي پنهنجي قو??ي ذميداري پوري ڪري رهي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته وزيراعظم عمران خان سومر ڏينهن لاهور ۾ مياواڪي اربن فاريسٽ جو افتتاح ڪندو. وزيراعظم سگيان ۾ مياواڪي وڻ پوکڻ جي ??هم جو آغاز ڪندو. وڏي وزير سان ملاقات سميت گورنر هائوس پنجاب ۾ وزيراعظم کي پيئڻ جي صاف ??اڻ?? جي فراهمي جي حوالي سان آب پاڪ اٿارٽي تي بريفنگ ڏني ويندي. وزيراعظم کي اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز بابت بريفنگ ڏني ويندي.