اسلام آباد – 03 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪشمير ۽ فلسطين جهڙا تڪرار ??سل??ان ۽ عرب دنيا جي عدم اطمينان جي بنيادي سببن ۾ شامل آهن، ??سل??ان ملڪ پراڻن مسئلن جي حل سان گڏوگڏ اسلامو فوبيا جي وڌندڙ رجحان جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ يڪجهتي جو مظاهرو ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن عرب پارليامينٽ جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن عادل بن عبدالرحمان العسومي جي قيادت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم عرب پارليامينٽ جي صدر ۽ سندس وفد جي آجيان ڪئي. عرب دنيا ۽ پا??ستان جي عوام جي وچ ۾ تاريخي لاڳاپن جو حوالو ڏيندي وزيراعظم چيو ته پا??ستان وچ اوڀر جي خطي ۾ امن، استحڪام ۽ خوشحالي کي وڏي اهميت ڏي ٿو. هن چيو ته فلسطين ۽ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جهڙا تڪرار ??سل??ان ۽ عرب دنيا جي عدم اطمينان جي بنيادي سبنبن ۾ شامل آهن. وزيراع??م فلسطين ۽ ڪشمير جي مسئلن جي حمايت جي لاءِ ??سل??ان امت جي وچ ۾ يڪجهتي جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته انهن پراڻن تڪرارن کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۽ او آءِ سي جي قر??ردادن موجب حل ڪرڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم عمران خان ??سل??ان ملڪن کان مطالبو ڪيو ته دنيا جي مختلف حصن ۾ اسلامو فوبيا جي وڌندڙ رجحان جو گڏجي مقابلو ??ري??ن. هن وفد کي نئون پا??ستان جي حوالي سان پنهنجي ويزن بابت پڻ آگاهه ڪيو. هن چيو ته پا??ستان جي اقتصادي سلامتي جا ٽي ٿنڀ آهن جن ۾ امن، ترقياتي حصيداريون ۽ رابطا شامل آهن. ان موقعي تي عرب پارليامينٽ جي صدر وزيراعظم عمران خان جا ٿورا مڃيا. هن فلسطين سميت ??سل??انن جي مقصدن جي حمايت ۾ پا??ستان جي ڪردار کي پڻ ساراهيو. عرب پارليامينٽ جي صدر مسلامن امت کي درپيش علائقائي ۽ عالمي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ متفقه طريقيڪار اختيار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.