اسلام آباد – 10 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سڀني وفاقي وزارتن ۽ صوبائي حڪومتن کي هدايت ڪئي آهي ته سيڙپڪا??ي کي فروغ ڏيڻ لاءِ طئي ٿيل هدف وقت سر مڪمل ڪيا وڃن، سيڙپڪارن کي ڪارو??ار ڪرڻ لاءِ آسانيون فراهم ڪيون وڃن، معاشي استحڪام کي برقرار رکڻ ۽ تيز تر معاشي ترقي لاءِ سيڙپڪاري اهم ترين جز آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت هيٺ سيڙپڪاري ۽ ڪارو??ار ۾ درپيش رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ جي حوالي سان جائزي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ خصوصي صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف، ڊاڪٽر شهباز گل، لاڳاپيل وزاتن جا سيڪريٽري، ??يپرا جو چيئرمين، چئني صوبن جا چيف سيڪريٽريز وڊيو لنڪ جي ذريعي ۽ سينئر آفيسر شريڪ ٿيا. سيڙپڪاري بورڊ جي سيڪريٽري اجلاس کي انهن سڀني قدمن جي باري ۾ آگاهه ڪيو، ج??ڪي سيڙپڪاري ۽ ڪارو??ار ۾ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ لاءِ کنيا ويا آهن، ا??هن قدمن ۾ قانون ۾ ترميم، ٽيڪس وصولين جي طريقيڪار ۾ آساني، ??ين کاتن مان اين او سي کي جلد حاصل ڪرڻ جي طريقيڪار کي آسان بڻائڻ، غير ضروري ۽ پراڻي ضابطه ڪار ۾ ترميم شامل آهي.