اسلام آباد – 29 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پهريون ڀيرو ڪنهن به سال ?? 4000 ارب رپين جي وصولين جو تاريخي سنگ ميل عبور ڪرڻ تي ايف بي آر جي ڪوششن کي ساراهيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم عمران خان آگاهه ڪيو ته جولاءِ کان مئي دوران ايف بي آر جون اوڳاڙيون 4143 ارب تائين پهچي ويون آهن ۽ اڃا اه?? اوڳاڙيون جار?? آهن، اه?? گذريل سال جي ايتري ئي عرصي جي اوڳاڙين جي ڀيٽ ۾ 18 سيڪڙو وڌيڪ آهن. وزيراعظم چيو ته اها صورتحال حڪومت جي پاليسين جي ڪري وسيع البنياد معاشي بحالي جي عڪاسي ڪري ٿي.