اسلام آباد – 10 مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ماکيءَ جي پيداوار ۽ روانگي واپار وڌائڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته واپار واري وزارت سٺي معيار جي ماکيءَ عالمي منڊين تائين پهچائڻ ۽ مارڪيٽنگ لاءِ قدم کڻي، مگس باني کي سازگار ماحول فراهم ڪرڻ لاءِ قدم ضروري آهن. اهڙن خيالن ج?? اظهار هن آل پاڪستان مگس باني ايسوسيئيشن ج?? وفد ??ان ملاقات دوران ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان ۾ ماکي جي پيداوار ۽ روانگي واپار وڌائڻ لاءِ قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. پاڪستان ج?? ا??لي?? معيار جي ماکيءَ کي عالمي منڊين ۾ موڪلڻ ۽ مارڪيٽنگ لاءِ واپار واري وزارت قدم کڻي. هن چيو ته پاڪستان ۾ ا??لي?? معيار جي ماکي جي پيداوار جي صلاحيت موجود آهي. مگس باني جي شعبي ??ان لاڳاپيل ماڻهن کي جديد رخن تي تربيت جي ضرورت آهي. صدر عارف علوي چيو ته مگس باني کي سازگار ماحول فراهم ڪرڻ لاءِ قدم کڻ?? ضروري آهن. وفد صدر کي مگس باني جي شعبي ۾ درپيش مسئلن کان آگاهه ڪيو.