اسلام آباد – 29 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان وچ ايشائي ملڪن ??ان واپار، سيڙپڪاري، توانائي ۽ عوامي رابطن کي فروغ ڏيڻ جي عزم جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اقتصادي واڌويجهه ۽ ترقي جي لاءِ علائقا??ي رابطن جي فروغ لاءِ گڏيل ڪوششن ج?? ضرورت آهي ۽ بحر هند تائين پهچ جي لاءِ وچ ايشيائي ملڪ پاڪستاني بندرگاهن جي وڏن موقعن مان فائدو کڻي سگهن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ??زب??ستان جي ٽرانسپورٽ واري وزير ميخوف سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻطرفن لاڳاپن، علائقا??ي رابطن ۽ خطي ۾ امن ۽ سلامتي سان لاڳاپيل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.