اسلام آباد – 15 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وز??ر سينيٽر شبلي فراز سان آمريڪي سفارتخاني جي ناظم الامور انجيلا ايجلر ملاقات ڪئي جنهن ۾ م??تلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وز??ر سينيٽر شبلي فراز ان موقعي تي چيو ته آمريڪي ڪمپنين جو پاڪستان جي مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جي آجيان ڪريون ٿا، پاڪستان آمريڪا سان پنهنجي لاڳاپن کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. آمريڪي ناظم الامور ڪووڊ -19 چئلينج سان موثر انداز ۾ سرخرو ٿيڻ تي پاڪستان جي واکاڻ ڪئي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وز??ر سينيٽر شبلي فراز چيو ته ايس او پيز ۽ احتياطي تدبيرن تي عملدرآمد جي لاءِ مهم جاري رکي آهي ته جئين وبا جي پکي?? کي بچي سگهجي. وزيراعظم عمران خان جو روزگار سان گڏوگڏ انساني زندگي جي تحفظ جو ويزن ڪووڊ – 19 چئلينج تي ضابطو آڻڻ ۾ م??دگار ثابت ٿيو، م??اقات ۾ ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته ڪورونا وبا جي دوران جتي گڏيل رابطن ۽ اطلاعات جي پهچ جو طريقيڪار متاثر ٿيو اتي ڊجيٽل ڪميونيڪيشن کي فروغ حاصل ٿيو، وفاقي وز??ر سينيٽر شبلي فراز چيو ته ڊجيٽل اطلاعاتي نظام تعليم جي فراهمي ۾ م??دگار ثابت ٿيو ۽ ان سان گڏ ڪاروباري سرگرميون ۽ روز مره جا معاملا جاري رکڻ ۾ به مددگار ثابت ٿيو.