ا??لا?? آباد – 28 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته شمسي توانائي ۽ قابل تجديد توانائي جي منصوبن سان ??لوچستان ??ي بجلي جي ضرورت پوري ٿي سگهي ٿي، بلوچستان ۾ قابل تجديد توانائي جي منصوبن لاءِ خصوصي مراعتون ڏنيون وينديون. توانائي واري وفاقي وزير عمر ايوب سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي سان پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ سينيٽ چيئرمين ??لوچستان ۾ توانائي بابت منصوبن ۽ بلوچستان ۾ بجلي جي فراهمي جي نظام کي بهتر ??ڻائڻ جي حوالي سان هدايتون ڏنيون، سينيٽ چيئرمين چيو ته بلوچستان هڪ وڏو صوبو آهي، بجلي ورڇ جي نظام کي بهتر ??ڻائڻو پوندو، بلوچستان ??ي ضلعن چاغي، لسٻيله، آواران، وشوڪ، گوادر وغيره لاءِ ڌار بجلي جي ورڇ ڪندڙ ڪمپني ٺاهڻ جي ضرورت آهي.