اسلام آباد – 18 آگسٽ (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته ڪووڊ 19 جي وبا گذريل صدر جي دوران دنيا سميت پاڪستان لاءِ هڪ شديد وبا ثابت ٿي آهي جنهن سان معيشت تي دٻاءُ وڌيو ۽ صحت ج?? مسئلا پيدا ٿيا، پاڪستان تحريڪ انصاف جي ٻن سالن جي ڪارڪردگي جي حوالي سان پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته صحت جي مسئلن جو حل معيشت کي بند ڪرڻ ناهي هوندو. هن چيو ته هلندڙ سال پهرين ٽه ماهي دوران آمريڪا ۽ برطانيه سميت ٻين ملڪن جون معيشتون بري طرح متاثر ٿيو پر پاڪستان ڪورونا وائرس جو جهڙي طرح مقابلو ??يو ??ن جو اعتراف عالمي سطح ت?? ڪيو ويو آهي ۽ پاڪستان ان مشڪل جو ڪاميابي سان مقابلو ??يو آهي، هن چيو ته بل گيٽس به ڪيترن ئي موقعن تي ڳالهائڻ دوران پاڪستان ۽ ڀارت جو تجزيو ڪندي پاڪست??ن جي ڪارڪردگي کي شاندار قرار ڏنو جڏهن ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي چونڊيل صدر به پنهنجي تازي پاڪستانجي دوري جي موقعي تي ??ن جو ذڪر ??يو ۽ چيو ته دنيا پاڪست??ن جي تجربن مان فائدو کڻي، وفاقي وزير چيو ته وال اسٽريٽ جرنل پاڪست??ن جي باري ۾ عام طور تي سٺيون خبرون ناهي ڏيندو وائرس جي حوالي سان حڪومت جي قدمن کي ساراهيو ويو.