اسلام آباد – 29 جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي ايندڙ ما??ي سال 21 – 2020ع جي 7137 ارب رپيا ڪاٿي واري ٽيڪس فري وفاقي بجيٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي، اين ايف سي ايوارڊ تحت 2874 ارب رپين جو روينيو صوبن کي منتقل ڪيو ويندو، سماجي تحفظ جو پروگرام 187 ارب ما?? وڌ??ئي 205 ارب رپيا ڪيو ويو، توانائي، خوراڪ ۽ ٻين شعبن ۾ سبسڊي جي لاءِ 179 ارب رپيا رکيا ويا آهن، اوڳاڙين جو ه??ف 6573 ارب رپيا مقرر ڪيو ويو آهي، سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام جي لاءِ 650 ارب رپيا رکيا ويا آهن، بجيٽ خسارو جي ڊي پي جو 7 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي، سيلز ٽيڪس جي شرح 14 سيڪڙو کان گهٽ ڪري 12 سيڪڙو ڪئي وئي، سيمنٽ تي فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي 2 رپيا گهٽ ڪري 1 رپيو 75 پئسا ڪئي وئي، پاڪستان ۾ ٺهندڙ موبائيل فونز تي سيلز ٽيڪس ۾ گهٽتائي ڪئي وئي آهي، درآمدات تي انڪم ٽيڪس جي شرح کي خام ما?? تي 5.5 سيڪڙو کان گهٽ ڪري 2 سيڪڙو ۽ مشينري تي ٽيڪس 5.5 سيڪڙو ما?? گهٽ ڪري هڪ سيڪڙو ڪيو ويو آهي، گهٽ ۾ گهٽ پگهار 15 هزار ما?? وڌ??ئي 25 هزار ڪئي وئي، موٽرسائيڪل رڪشا ۽ 200 سي سي تائين موٽرسائيڪل تي ايڊوانس ٽيڪس ختم ڪيو ويو، ٽيڪس ادا نه ڪندڙ اهڙا ماڻهو جيڪي اسڪول جي ساليانو فيس 2 لک رپين کان و??يڪ ادا ڪن ٿا، ان کان سئو سيڪڙو وڌيڪ ٽيڪس وصول ڪيو ويندو، ڊبل ڪيبن پڪ اپ تي فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي لاڳو ڪئي وئي، انرجي ڊرنڪس تي ايف اي ڊي 13 سيڪڙو ما?? وڌ??ئي 25 سيڪڙو، درآمدي سگريٽس، ٻيڙيءَ، سگار ۽ تماڪو جي ٻين شين تي لاڳو فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي 65 سيڪڙو ما?? وڌ??ئي 100 سيڪڙو ڪئي وئي آهي، ڪوويڊ 19 بابت صحت جي ساز و سامان جي درآمد تي جاري ڇوٽ ۾ وڌيڪ ٽن مهينن جي واڌ ڏني وئي آهي، ايندڙ ما??ي سال دوران جي ڊي پي جي واڌويجهه جي شرح کي 0.4 سيڪڙو ما?? وڌ??ئي 2.1 سيڪڙو تي آندو ويندو، ڪرنٽ اڪائونٽ خساري کي 4.4 سيڪڙو تائين محدود رکيو ويندو، ناڻي واڌ جي شرح 9.1 سيڪڙو کان گهٽ ڪري 6.5 سيڪڙو تائين آندي ويندي، سڌوسنئون پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ 25 سيڪڙو تائين جو اضافو ڪيو ويندو. وفاقي وزير حماد اظهر ڪجهه ترميمن سان گڏ ما??ي بل 2020ع غور هيٺ آڻڻ جي لاءِ پيش ڪيو جنهن ۾ حڪومت ۽ مخالف ڌر پاران ترميمون پيش ڪيون ويون ۽ انهن ما?? ڪجهه ترميمون منظور ڪري ان کي ما??ي بل جو حصو بڻايو ويو. ايندڙ ما??ي سال جي بجيٽ جي انگن اکرن موجب ڪل روينيو ڪاٿو 6573 ارب رپيا آهي جنهن ۾ ايف بي آر روينيو 4963 ارب رپيا ۽ نان ٽيڪس روينيو 1610 ارب رپيا شامل آهي. اين ايف سي ايوارڊز تحت 2874 ارب رپين جو روينيو صوبن کي منتقل ڪيو ويندو. نيٽ وفاقي روينيو جو ڪاٿو 3700 ارب رپيا آهي. ڪل وفاقي خرچن جو ڪاٿو7137 ارب رپيا لڳايو ويو آهي. اهڙي طرح بجيٽ خسارو 3437 ارب رپين تائين رهڻ جي اميد آهي جيڪو جي ڊي پي جو 7 سيڪڙو بڻجي ٿو ۽ پرائمري بيلنس 0.5 سيڪڙو هوندو. غريبن جي احساس پروگرام جي بجيٽ وڌ??ئي 208 ارب رپيا ڪئي وئي آهي، توانائي، خوراڪ ۽ ٻين شعبن کي مختلف قسم جون سبسڊيز ڏيڻ جي لاءِ 179 ارب رپين جي رقم رکي وئي آهي. ايڇ اي سي جي بجيٽ وڌ??ئي 64 ارب رپيا ڪئي وئي آهي. گهٽ قيمت تي گهر فراهم ڪرڻ لاءِ نئون پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي کي 30 ارب رپيا فراهم ڪيا آهن. اخوت فائونڊيشن جي قرضه حسنه اسڪيم ذريعي گهٽ لاڳت وارن رهائشي گهرن جي تعمير جي لاءِ ڏيڍ ارب رکيا ويا آهن. بجيٽ ۾ خصوصي علائقن آزاد ڪشمير جي لاءِ 55 ارب رپيا ۽ گلگت بلتستان جي لاءِ 32 ارب رپيا رکيا ويا آهن. خيبرپختونخواهه جي ضم ٿيل ضلعن جي لاءِ 56 ارب رپيا رکيا ويا آهن. ان کانسواءِ سنڌ کي 19 ارب رپيا ۽ بلوچستان کي 10 ارب رپين جي خصوصي گرانٽ انهن جي اين ايف سي حصي کان و??يڪ ڏني وئي آهي.