اسلام آباد – 21 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان عظيم باڪسر محمد علي کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته ان جو عقيدو مادي نظرين کان مٿانهون ٿي ان پڪي يقين تي ٻڌل هو ته جانورن جي ڀيٽ ۾ انسانن جي وجو?? جو هڪ اعليٰ مقصد آهي، سندس ??اقت ۽ حوصلو اڄ به پوري دنيا جي ماڻهن لاءِ مشعل راهه آهي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته آئون ان ڳالهه تي يقين رکان ٿو ته محمد علي هڪ عظيم رانديگر هو، نه رڳو ان لاءِ جو هو باصلاحيت، ذهين ۽ باهمت انسان هو، پر ان لاءِ جو سندس ??قيدو مادي نظرين کان مٿانهون ٿي ان پڪي يقين تي ٻڌل هو ته جانورن جي ڀيٽ ۾ انسانن جي وجو?? جو هڪ اعليٰ مقصد آ??ي. ??زيراعظم چيو ته سمورين مشڪلاتن جو مقابلو ڪندي پنهنجي عقيدي تي پورو لهندي ??ن پنهنجي راند جي زندگي جي بهترين سالن ۽ منافعو ڏيندڙ آمدني جي قرباني ڏني. سندس ??اقت ۽ همت اڄ به پوري دنيا جي ماڻهن لاءِ مشعل راهه آ??ي. ??زيراعظم پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هڪ ريڊيو رڪارڊنگ پڻ شيئر ڪئي آهي جنهن ۾ محمد علي جي پيشيواراڻي زندگي ۽ ٽي وي انٽرويوز دوران مختلف موقعن تي بيان ڪيل سندس ??ندگي جي مختلف رخن کي اجاگر ڪيو ويو آهي.