اسلام آباد – 10 جون (اي پي پي) هوابازي واري وفاقي وزير غلام سرور خان چيو آهي ته ڪراچي ??هاز حادثي سميت ويجهي ماضي ۾ ٿيندڙ ٻين حادثن جون رپورٽون 22 جون تي قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيون وينديون، ڪراچي ??هاز حادثي جي شفاف جاچ جي لاءِ ترڪيءَ ۽ ٻين عالمي شهرت يافته ايئرلائينز جي ايئربس جا سينيئر ترين پائليٽس به جاچ ٽيم ۾ شامل ڪيا ويندا، 56800 کان وڌيڪ ٻاهرئين ملڪ ڦاٿل پاڪستانين کي وطن واپس آڻي چڪا آهيون، ماضي ۾ پائليٽن جعلي لائيسنس پڻ حاصل ڪيا، ان جي به مڪمل جاچ ڪرائي ويندي، پي آءِ اي جي روز ويلٽ هوٽل ۽ هوائي اڏن کي آئوٽ سورس ڪرڻ جي حوالي سان شفاف طريقيڪار اختيار ڪيو ويندو، هوائي حادثا اسان جي لاءِ شرمند??ي جو سبب آهن، شفاف جاچ ذريعي ذميوارن جو تعين ڪيو ويندو. قومي اسيمبلي ۾ پاليسي بيان ڏيندي هوابازي واري وفاقي وزير غلام سرور خان چيو ته 22 مئي تي بدقسمت جهاز سوا هڪ وڳي لاهور کان ڪ??اچي ??ي لاءِ اڏام ڀري ۽ 2 لڳي 39 منٽن تي حادثي جو شڪار ٿيو. ان ۾ 97 ماڻهو شهيد ٿيا ۽ ٻه خوشقسمت ترين ماڻهو الله جي ڪرم سان محفوظ رهيا. اهي ٻئي ماڻه?? تيزي سان صحتياب ٿي رهيا آهن. ڪل 99 مسافر هئا جن ۾ ٻه ڪاڪ پٽ ڪريو ۽ 6 ڪيبن ڪ??يو هئا. 97 شهادتن مان 95 ميتين کي ڊي اين اي ذريعي سڃاتو ويو. انهن جي پونئيرن کي سرڪاري خرچ تي رهايو ويو.