اسلام آباد – 10 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته نواز شريف ته پاڻ ڪرپشن تي سزا جي ڪري جيل جي خوف ک??ن ملڪ کان ٻاهر لڪل آهي، ان وقت عوام جو خ??ال نه آيو ۽ هاڻي واڳون وارا ڳوڙها ڳاڙهي رهيا آهيو. اهڙن خيالن جو اظهار هن اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب مريم صفدر جي ٽوئيٽ تي ردعمل ڏيندي ڪيو. هن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته بيماري جو ڪوڙو بهانو بڻائي نواز شريف لنڊن ۾ ڀڳوڙو بڻجي ويٺل آهي، توهان جي پنهنجي قول فعل ۾ تڪرار آهي. مملڪتي وزير چيو ته عوام جي وات مان گرهه کسي، ڦرلٽ ۽ مني لانڊرنگ ڪري ٻاهرئين ملڪ ملڪيتون ??اه??ندا رهيا آهيو. هن چيو ته ماڊل ٽائون ۾ عورتن جي وات ۾ گوليون هڻي شهيد ڪندا رهيا آهيو. فرخ حبيب چيو ته ان وقت عوام جو خ??ال نه آيو ۽ هاڻي واڳو وارا ڳوڙها ڳاڙهي رهيا آهيو.