اسلام آباد – 29 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان چ??و آهي ته هو فلسطيني عوام سان يڪجهتي جي عالمي ڏينهن تي انصاف، آزادي ۽ وقار حاصل ڪرڻ جي لاءِ فلسطيني عوام جي لاءِ پنهنجي اڻٿڪ يڪجهتي ۽ حمايت جو ورجاءُ ڪري ٿو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته اسان فلسطيني عوام جي خودمختياري جي حق ۽ 1967ع کان اڳ جي سرحدن تي ٻڌل فلسطين جي هڪ آزاد رياست، جنهن جي گادي وا??و شهر القدس الشريف هجي، جي قيام جي لاءِ پنهنجي مضبوط حمايت جو ورجاءُ ڪ??يو?? ٿا. هن چ??و ته پاڪستان لبنان ۾ جنگبندي جي تازي معاهدي جي آجيان ڪري ٿو ۽ سمورين ڌرين کان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قرارداد 1701 ک?? مڪمل طور تي برقرار رکڻ ۽ ان تي عملدرآمد ڪرڻ جو مطالبو ڪري ٿو. ترجمان چ??و ته اسان لبنان جي خودمختياري، علائقائي سالميت ۽ استحڪام جي حمايت ڪ??يو?? ٿا. هن متاثر ماڻهن جي لاءِ انساني امداد جي فوري ضرورت، بي گهر ماڻهن جي محفوظ واپسي ۽ تڪرارن کان متاثر علائقن جي نئين سر تعمير ۾ سهولت فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. ترجمان چ??و ته اسان سمجهون ٿا ته اها جنگبندي ڇڪتاڻ کي گهٽ ڪرڻ ۽ خطي ۾ وسيع تر تڪرار کي روڪڻ جي لاءِ هڪ اهم قدم آهي. پاڪستان کي اميد آهي ته جنگبندي جو معاهدو غزه جي پٽيءَ ۽ ٻين والاريل فلسطيني علائقن ۾ فوري ۽ غيرمشروط جنگبندي، غزه ۾ نسل ڪشيءَ جو خ??تم?? ۽ فلسطيني عوام جي لاءِ انساني امداد جو مرحلو طئي ڪندو.