اس??ام آباد-29 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار ??ياز صادق چيو آهي ته پاڪستان ۽ روس وچ ۾ پارلياماني رابطن کي هٿي ڏيڻ خوش آئنده آهي، پارلياماني ??فا??تڪاري ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۾ اهميت واري آهي. گذريل ڏينهن جاري پريس رليز موجب قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پارلياماني وفد سان گڏ روس جي فيڊريشن ڪائونسل جي اسپيڪر سان ملاقا?? ڪئي. ويلنٽينا ميٽ ويانڪو اسپيڪر ۽ پارلياماني وفد جي فيڊرل اسيمبلي آف رشين فيڊريشن آمد تي آجيان ڪئي. اسپيڪر روس جي فيڊريشن ڪائونسل جي اسپيڪر ويلنٽينا ميٽ ويانڪو جو شاندار ??ستقبال تي ٿورو مڃيو. ويلنٽينا ميٽ ويانڪو پنهنجي پاڪستان جي دوري دوران والهاڻو استقبال ۽ ميزباني تي پاڪستان جي پارليامينٽ کي خراج تحسين پيش ڪيو. اسپيڪر چيو ته ٻنهي ملڪن ۾ پارلياماني رابطن کي هٿي ڏيڻ خوش آئنده آهي، پارلياماني ??فا??تڪاري ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۾ اهميت واري آهي. ويلنٽينا ميٽ ويانڪو چيو ته پاڪستان ۽ روس وچ ۾ پارلياماني رابطن ۾ اضافي کي روس قدرجي نگاهه سان ڏسي ٿو. اسپيڪر سردار ??ياز صادق پاڪستان ۾ منعقد پهرين اسپيڪرز ڪانفرنس ۾ روسي هم منصب جي شرڪت ۽ حمايت کي ساراهيو. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پنهنجي روسي هم منصب جي روس جي روس جو سرڪاري دورو ڪرڻ جي دعوت کي مثبت اڳڀرائي قرار ڏنو. اسپيڪر پنهنجي روسي هم منصب جي پاڪستان جو جلد دورو ڪرڻ جي خاطري کي ساراهيو. اسپيڪر ٻنهي ملڪن وچ ۾ ??فا??تي، پارلياماني ۽ حڪومتي سطح تي رابطن ۾ اضافي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ٻنهي ملڪن جي صدرن ۽ وزيراعظمن جون هاڻوڪيون ملاقاتون ۽ اعليٰ سطحي وفدن جي مٽاسٽا لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۾ اهم اهميت رکندڙ آهن. اسپيڪر سردار ??ياز صادق ٻنهي ملڪن جي پارليامينٽ جي ميمبرن وچ ۾ رابطن کي هٿي ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. هن چيو ته وزيراعظم پاڪستان شهباز شريف ٻنهي ملڪن وچ ۾ معاشي، اقتصادي ۽ ڪاروباري رابطن کي هٿي ڏيڻ جي خواهش رکي ٿو. سردار ??ياز صادق ويلنٽينا ميٽ ويانڪو جي ٻنهي ملڪن وچ ۾ پارلياماني،??فا??تي ۽ ٻطرفا لاڳاپا وڌائڻ جي عزم کي ساراهيو. اسپيڪر جي روس جي دوري کي ويلنٽيناميٽ ويانڪو ٻنهي ملڪن وچ ۾ پارلياماني ??فا??تڪاري کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم سنگ ميل قرار ڏنو. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ اقتصادي، واپاري ۽ ڪاروباري رابطا وڌائڻ جا وسيع موقعا موجود آهن. معاشي ۽ واپاري تعاون کي هٿي ڏيڻ لاءِ ٻنهي ملڪن جي واپاري برادري ۾ رابطا انتهائي اهميت وارا آهن. پارلياماني وفد قومي اسيمبلي جي ميمبر راڻا محمد حيات خان، سيد آغا رفيع الله، عبدالقار پٽيل، ڊاڪٽر محمد فاروق ستار ۽ شير علي ارباب تي ٻڌل آهي.