اسلام آباد -26 نومبر (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف ۽ بيلا روس جي صدر اليگزينڊر لوڪاشينڪو وچ ۾ ٻه طرفي ملاقات ٿي. ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن گڏيل فائديمند سهڪار ۽ اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جا??ي بيان موجب وز??راعظم محمد شهباز شريف وز??راعظم هائوس اچڻ تي بيلا روس جي صدر لوڪا شينڪو جي آجيان ڪئي. صدر لوڪا شينڪو پاڪستان ۾ شاندار استقبال ۽ ميزباني تي وز??راعظم جو ٿورو مڃيو. ان موقعي تي وز??راعظم چيو ته پاڪستان بيلا روس سان پنهنجن لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، اوهان جو هي دورو ٻنهي ملڪن وچ ۾ سهڪار ۽ شراڪتداري جون نيون راهون کولڻ ۾ انتهائي مددگار ثابت ٿيندو. ٻه طرفي ملاقات ۾ سياسي لاڳاپن، واپار ۽ سيڙپڪاري، دف??عي سهڪار ۽ علائقائي مسئلن سميت مختلف موضوعن تي ڳالهيون ڪيون ويون. ٻنهي اڳواڻن گذريل ڏهاڪن دوران پاڪستان ۽ بيلا روس جي لاڳاپن جي سمورن رخن ۾ هاڪاري اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. گڏيل فائديمند سهڪار ۽ اقتصادي، واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ به ڪيو. وز??راعظم بيلا روس جي صدر کي پاڪستان حڪومت جي ايڪسپورٽ تي ٻڌل اوسر ۽ دوست ملڪن سان سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ ذريعي پاڪستان جي اقتصادي بحالي جي پاليسي بابت به آگاهه ڪيو. ٻنهي اڳواڻن عالمي ۽ علائقائي اڳڀرائي تي به ڳالهيون ڪيون.