اسلام آب??د-18 نومبر (اي پي پي) آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم چيو آهي ته 75 سالن کان وڌيڪ عرصي کان آمريڪا پاڪستان حڪومت سان بنيادي ڍانچي جي ترقي جي اهڙن منصوبن ۾ تعاون ڪري رهيو آهي جن جي تڪميل سان لکين پاڪستانين جي زندگين ۾ بهتريءَ جا ٺوس نتيجا نڪرندا. اهڙو اظهار هن پاڪستان نيشنل ڪائونسل آف ڊي آرٽس ۾ بنيادي ڍانچي جي حوالي سان رٿيل تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. آمريڪي سفير چيو ته ان منصوبن ۾ روڊن، پُلن، پرائمري اسڪولن، تعليمي ادارن، بجلي جي رسد جو نظام ۽ آبي منصوبن جي تعمير شامل آهي. هن چيو ته ان منصوبن سان سڄي ملڪ ۾ ماڻهن جي زندگين ۾ تبديلي ۽ ترقيءَ جا موقعا مهيا ٿي رهيا آهن. 2005ع کان وٺي هن وقت تائين آمريڪي حڪومت سڄي ملڪ ۾ بنيادي ڍانچي جي منصوبن ۾ لڳ ڀڳ 2 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري ڪئي آهي، آمريڪا ان مُک ملڪن مان هڪ هو جنهن پاڪستان جي قيام کان پوءِ ان کي تسليم ڪيو ۽ پاڪستان جي ترقيءَ ۾ اسان جي حصيداري به ان وقت شروع ٿي ۽ اها وڌندي رهي آهي. ان حوالي سان تربيلا ۽ منگلا ڊيم ذڪر جوڳا مثال آهن، جن جي تعمير ۾ آمريڪا 1960ع ۽ 1970ع جي ڏهاڪن ۾ مالي مدد جي فراهمي ڪئي هئي. 2013ع ۾ اسان وڌيڪ 40 لک پاڪستانين جي ضرورتن جي تڪميل يقيني بڻائڻ لاءِ ان پاڻي ذخيرن جي تجديد ۽ انهن جي بحالي ۽ بهتريءَ تي اڄ به ڪم جاري آهي. سفير چيو ته اسان صحت جي اصولن ۽ تعليم جي حاصلات جي موقعن تائين رسائيءَ کي هٿي ڏيڻ جي ارادي سان 60 کان وڌيڪ طبي مرڪز ۽ اسپتالن جي تعمير، رنگ روغن جي لاءِ مق??مي حڪومتن سان ڀائيواري به ڪئي جن ۾ پش??ور جو جديد اسپتال برن ۽ ٽراما سينٽر، 543 پرائمري، ثقانوي ۽ اعليٰ ثانوي ادارن جو قيام به شامل آهي. هن چيو ته اعليٰ تعليم جي شعبي ج ذڪر ڪيو وڃي ته آءِ بي اي ڪراچي، لاهور يونيورسٽي آف مئنجمينٽ سائنسز ۽ سينٽر فار ايڊوانسڊ اسٽيڊيز ان واٽر، انرجي اينڊ فوڊ سيڪيورٽي اهڙن اعليٰ معيارن جي ادارن جو قيام آمريڪا طرفان پاڪستان سان سهڪار جو اهڃاڻ آهي. آمريڪي سفير چيو ته اسان جي ترقياتي امداد قرضن کان پاڪ آهي، ا??ان قرضن بدران گرانٽس يعني مالي مدد فراهم ڪيون ٿا جنهن سان ماڻهن جي زندگين کي ڊگهي مُدي واري بار برداشت ڪرڻ کانسواءِ جديد بنيادي ڍانچي سان مستفيد هئڻ ۾ مدد ملي ٿي . هن چيو ته اسان محض بنيادي مادي ڍانچي جي تعمير لاءِ ئي مدد فراهم نٿا ڪريون پر پاڻ ماڻهن جي ترقيءَ ۾ به سيڙپڪاري ڪريون ٿا. آمريڪي منصوبن ۾ روزگار جي موقعن جي تخليق ۽ مق??مي ماڻهن جي سگهه وڌائڻ کي ترجيح ڏني وڃي ٿي، روڊن ۽ پُلن جي تعمير کان وٺي تعليمي ادارن،طبي مرڪزن جي قيام تائين، ا??ان جا منصوبا روزگار پيدا ڪرڻ، ڪاروبار کي هٿي ڏيڻ ۽ مق??مي ماڻهن جي مهارتن ۾ واڌ ڪرڻ آهي، ان سمورين سرگرمين سان مق??مي معيشت ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري داخل ٿئي ٿي. آمريڪي سفير چيو ته ترقيءَ جي حوالي سان آمريڪي اپروچ ان ڳالهه کي يقيني بڻائي ٿي ته بنيادي ڍانچي ۾ سيڙپڪاريءَ سان مق??مي برادرين انهن جي خدمتن ۽ موقعن مان سڌيءَ ريت فائدو ٿئي. هن چيو ته توڙي جو اسان پاڻيءَ لاءِ شاخن جي بحالي ڪري رهيا آهيون يا اسڪولن جي نئين سر تعمير، توا??ائ?? جي سهولتن جي فراهمي اسان ان ڳالهه کي يقيني بڻايون ٿا ته ان منصوبن سان سڌيءَ ريت مق??مي ضرورتن جي تڪميل هجي، ان منصوبن جي نگراني مق??مي ماڻهن وٽ هجي، ان سموري ڳالهين جو خلاصو اهوئي آهي ته ان منصوبن جي تڪميل لاءِ وڏي عرصي کانپوءِ تائين به پاڪستان جي عوام کي منافعو ملندو رهي. سفير ڊونلڊ بلوم چيو ته مستقبل جي ڳالهه ڪئي وڃي ته آمريڪي حڪومت پاڪستان ۾ انفراسٽرڪچر ۾ سيڙپڪاريءَ ذريعي ملڪ ۾ ترقي ۽ موقعن جي دستيابيءَ کي هٿي ڏيندي رهندي، جڏهن ته پاڪستان کي ڪلائمينٽ سمارٽ ترقي ۽ تجديد جوڳي توا??ائ?? جي حاصلات جي راهه گامزن ڪرڻ جي سلسلي ۾ پن بجلي ۽ شمسي توا??ائ?? جي ذريعن ۾ اسان جي حصيداري بنيادي هوندي. هن چيو ته روڊن جي تعمير ۾ اسان جي سيڙپڪاري واپار جي واڌ جي بنياد رکي آهي. پاڪستاني ڪاروبارن جي بين الاقو??مي مارڪيٽن تائين رسائي يقيني بڻائي آهي. تعليم جي شعبي ۾ اسان جي سيڙپڪاري ايندڙ نسلن جي اڳواڻي ۽ ماهر پيدا ڪرڻ جو سلسلو جاري رکندي. هن چيو ته هي پائيدار روايت ان ڳالهه کي يقيني بڻائي ٿي ته آمريڪا ۽ پاڪستان وچ ۾ مستقبل جي تعاون، گڏيل قدرن، گڏيل احترام ۽ ترقيءَ جي عزم جي مضبوط بنياد تي قائم رکندو. آمريڪي سفير چيو ته اسان پاڪستان جي مستقبل ۾ سيڙپڪاريءَ لاءِ گڏجي ڪم جاري رکڻ جا خواهشمند آهيون.