اسلام آباد- 19 نومبر (اي پي پي) ڪابينه جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) سياري جي موسم ۾ ٽن مهينن لا??ِ ڪي اليڪٽرڪ ۽ ٻين ڊسڪوز جي 200 يونٽن کان وڌيڪ بجلي استعمال ڪندڙ صنعتي، گهريلو، واپاري ۽ عام صارفين لا??ِ اضافي بجلي جي قيمت ۾ گهٽتائي جي تجويز جي منظوري ڏئي ڇڏي. اي سي سي جو اجلاس ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ توانائي بابت وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري، رٿابندي ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن ا??بال، واپار بابت وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، اقتصادي معاملن بابت وفاقي وزير احد خان چيما، ناڻي بابت مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ، وفاقي سيڪريٽرين ۽ لاڳاپيل وزارتن ۽ کاتن جي سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ پاور ڊويزن طرفان ڪي اليڪٽرڪ ۽ ٻين ڊسڪوز جي 200 يونٽن کان وڌيڪ بجلي استعمال ڪندڙ صنعتي، گهريلو، واپاري ۽ عام صارفين لا??ِ اضافي ۽ گيس جي طلب ۾ گهٽتائي آڻڻ وارن قدمن جي سمري پيش ڪئي وئي، سمري جي تجويز تحت ڄاڻايل مهينن ۾ بينچ مارڪ کپ?? کان وڌيڪ کپ?? ڪندڙ صارفين کي بجلي جي اضافي کپ?? تي 26.07 رپيا في ڪلو واٽ ڪلاڪ جو اگهه چارج ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي. تجويز ڊسمبر 24ع کان فيبروري 24ع تائين ٽن مهينن جي بلنگ دوران لاڳو هوندي. اي سي سي تجويز جي ت??صي??ي جائزي کان پوءِ منظوري ڏئي ڇڏي. اي سي سي بجلي جي قيمتن ۾ واڌ ۽ مختلف صارفين لا??ِ بجلي جي گهٽ استعمال کي نظر ۾ رکندي پاور ڊويزن طرفان تيار ڪيل ان عارضي رليف قدم کي وقت سر ۽ لاڳاپيل قرار ڏنو. اجلاس ۾ اين ڊي ايم اي طرفان اڳو??ي ايمرجنسي رليف سيل جي 3.140 ارب رپين جي بيلنس کي اٿارٽي فنڊ ۾ منتقل ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي وئي. اجلاس کي ٻُڌايو ويو ته انهن فنڊن کي اٿارٽي جي قانوني دائره ڪار ۾ اندرني ۽ پرڏيهي امدادي ڪاررواين لا??ِ ڪتب آندو ويندو. اي سي سي تجويز جي منظوري ڏيندي قرار ڏنو ته جڏهن ته اڳو??ي ايمرجنسي رليف سيل ۾ موجود بيلنس عوامي عطين سان بڻيو هو ۽ اها رقم ٻوڏ ۽ زلزلي جي متاثرن جي مدد، بچاءُ ۽ بحاليءَ لا??ِ رکي وئي هئي، ان لا??ِ اين ڊي ايم اي فنڊز کي انهيءَ مقصد لا??ِ خرچ ڪندي.