لاهور – 18 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته پي ٽي آءِ جو ظهير عباس کوکر بار بار اليڪشن ٽر??يونل کان تاريخون گهري اليڪشن ٽر??يونل جو وقت ضايع ڪري رهيو آهي، جيڪڏهن وٽس ثبوت نه آهن ته عدالت کي ٻڌائي ته کانئس ??لطي ٿي آهي، اڳ ?? ڪيس ڪريو پوءِ عدالت کان ڀڄو، اهو انهن جو شيوو بڻجي چڪو آهي. پي ٽي آءِ جي ظهير عباس کوکر پاران پنهنجي خلاف اليڪشن ٽر??يونل ۾ ڏنل درخواست ۾ تاريخ وٺڻ تي ردعمل جو اظهار ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اڄ منهنجا وڪيل اليڪشن ٽر??يونل ۾ پيش ٿيا، اسان جي وڪيلن جي مڪمل تياري هئي ۽ سمورا دستاويز به موجود هئا. هن چ??و ته مخالف پارٽي وٽ ڪي به ثبوت نه هئا. وفاقي وزير چيو ته ظهير عباس کوکر عدالت کان فرار چاهي ٿو، انهي لاءِ عدالت کي ٻڌڻي ملتوي ڪرڻ جي درخواست ڪئي، جيڪڏهن وٽس ثبوت موجود هئا ته ظهير عباس کوکر تاريخ ڇو گهري؟ ظهير عباس منهنجي ڪاميابي کي چئلينج ڪيو آهي ته هاڻي منهن ڇو نه ڏئي رهيو آهي؟ هن چ??و ته بار بار تاريخون گهري هي اليڪشن ٽر??يونل جو وقت ضايع ڪري رهيو آهي. جيڪڏهن وٽس ثبوت نه آهن ته عدالت کي ٻڌائي ته کانئس ??لطي ٿي آهي. هن چ??و ته اڳ ?? ڪيس ڪريو پوءِ عدالت کان ڀڄو، اهو پي ٽي آءِ جو شيوو بڻجي چڪو آهي.