اسلام آباد-29 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ۾ عالمي فوجداري انصاف کي هٿ?? وٺرائڻ لاءِ منعقد ٿيل ٻن ڏينهن وارو 45 هون ساليانو فورم آف دي پارليمينٽيرينز فار گ??وب?? ايڪشن ۽ 13 هون ڪنسلٽيٽو اسيمبلي آف پارليمينٽيرينز آن انٽرنيشنل ڪرمنل ڪورٽ پي اي جي صدر سيد نويد قمر جي اسلام آباد پلان آف گ??وب?? ايڪشن فار انٽرنيشنل جسٽس پڌرائي سان ??ڄاڻي تي پهتو. فورم جي شرڪت ڪندڙن بحت ۽ پنهنجون تجويزون پيش ڪيون. پي اي جي اجلاس ۾ شريڪ ميمبر ملڪن انسانيت خلا?? ڏوهن جي روڪٿام لاءِ گڏيل ڪوششن تي زور ڀريو ۽ عالمي امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪستان جي ڪاوشن کي خراج تحسين پيش ڪيو. ميمبر ملڪن اميد ظاهر ڪئي ته پاڪستان ??ستقبل ۾ به عالمي امن ۽ استحڪام ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندو رهندو. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي ميزباني هيٺ پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف پارليمينٽري سروسز ۾ منعقد ان ??ن ڏينهن واري فورم ۾ پاليمينٽرينز، ماهرن، سرڪاري عهديدارن ۽ عالمي تنظيمن جا نمائندا شامل هئا جن قانون جي حڪمراني، انساني حقن جي تحفظ ۽ عالمي فوجداري عدالت جي روم جي آئين جي توثيق جهڙن موضوعن تي خيالن جي ڏ?? وٺ ڪئي. افتتاحي سيشن ۾ قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق، پارليامينٽيرنز فار گ??وب?? ايڪشن جي سيڪريٽري جنرل مونيڪا ايڊم، صدر پاڪستان ??يشنل گروپ سينيٽر شيري رحمان ۽ پارليامينٽيرنز فار گ??وب?? ايڪشن جي صدر سيد نويد قمر خطاب ڪيو. پهرين پينل سيشن ۾ روم جي قانون جي عالمگير ۽ عالمي فوجداري قانون جي فريم ورڪ جي توسيع تي غور ڪيو ويو. منجهند جي سيشن ۾ قانون لاڳو ڪرڻ تي علائقائي تناظر ۾ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، جنهن ۾ سڌارن وارن قانونن کي اختيار ڪرڻ ۾ پيش ايندڙ مسئلن کي سمجهيو ويو. فورم جي ٻئي ڏينهن پينل مباحثي ۾ مختلف اهم موضوع بحث هيٺ آيا، جن ۾ ”عالمي جنسي ۽ صنفي بنيادن تي ڏوهن خلاف انصاف حاصل ڪرڻ“، ”عالمي ڏوهن خلاف عدم سزا لاءِ اثرائتي سهڪار“، ”انصاف، انساني حقن ۽ عالمي احتساب ۾ توازن“ ۽ ”عالمي فوجداري انصاف جي مستقبل جا موقعا“ شامل هئا. قومي اسيمبلي پاڪستان جي ايس ڊي جيز بابت پارلياماني ٽاسڪ فورس جي ڪنوينر بلال اظهر ڪياني زور ڀريو ته پاڪستان عالمي انصاف لاءِ موجوده قانوني فريم ورڪ جي حمايت ڪري ٿو، شرط اهو آهي ته اهو غير جانبدار ۽ منصفاڻو هجي ۽ سياسي مفادن کان آزاد هجي. هن عالمي ڏوهن جي مرتڪب ماڻهن خلاف ڪيس هلائڻ لاءِ ايڊهاڪ ٽربيونلز، جي آءِ ٽيز ۽ معلوماتي اشتراڪ جي مڪينزم جي ضرورت تي پڻ زور ڀريو. قومي اسيمبلي ميمبر مهتاب اڪبر راشدي جنسي ۽ صنفي بنيادن تي ٿيندڙ تشدد جي معاملن تي عالم?? برادري جي توجهه ڏياري ۽ ان ??سئلي کي عالمي فورمز جيئن گڏيل قومون، سلامتي ڪائونسل ۽ پي اي جي ذريعي حل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. هن چيو ته انساني حقن جي پاسداري ۽ انصاف حاصل ڪرڻ کي يقيني بنائڻ عالم?? برادريءَ جي ذميواري آهي ۽ ان ??اءِ ضروري آهي ته مالي وسيلا به فراهم ڪيا وڃن ته جيئن ان ??ريم ورڪ کي فعال بڻائي لاڳو ڪرڻ ممڪن ٿي سگهي. قانون ۽ انصاف بابت صلاحڪار بئريسٽر عقيل ملڪ پينل مباحثي ۾ نشاندهي ڪئي ته مختلف ملڪن جا مذهبي ۽ رواجي قانون ڪجهه وقتن ۾ عالمي قانونن مطابق ناهن هوندا جنهن سان عالمي قانوني فريم ورڪ جي قبوليت ۾ ڏُکيائيون پيدا ٿينديون آهن. هن عالمي قانونن جي چونڊ کي لاڳو ڪرڻ ۽ ٻٽي معيار کي ختم ڪرڻ لاءِ عالمي سهڪار جي ضرورت تي زور ڀريو. قومي اسيمبلي ميمبر شير علي ارباب عورتن يج تعليم، حقن ۽ سماجي ۽ اقتصادي ڀلائيءَ کي هٿ?? وٺرائڻ کي اجاگر ڪندي انهن قدمن سان عورتن کي بااختيار بنائڻ ۾ مدد ملندي ۽ معاشرتي سطح تي هاڪاري تبديليون اينديون. فورم جي پڄاڻيءَ واري سيشن ۾ پي اي جي سيد نويد قمر ”اسلام آباد پلان آف گ??وب?? ايڪشن فار انٽرنيشنل جسٽس“ پيش ڪيو جنهن کان ??وءِ هڪ مباحثو ٿيو جنهن ۾ فورم جي شرڪت ڪندڙن پنهنجون تجويزون پيش ڪيون. پڄاڻيءَ تي پي اي جي سيڪريٽري جنرل مونيڪا ايڊم، سردار اياز صادق، صدر پي اي جي پاڪستان سيد نويد قمر ۽ چيئرپرسن پاڪستان ??يشنل گروپ سينيٽر شيري رحمان جو شڪريو ادا ڪيو. هن قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۽ پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف پارليامينٽري سروسز جو پڻ شڪريو ادا ڪيو جنهن فورم جي شرڪت ڪندڙن لاءِ مڪمل سهولتون فراهم ڪيون ۽ ڪاميابيءَ کي يقيني بڻايو.