اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي آف??س جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته 27 آڪٽوبر تي پاڪستان ۽ سڄي دنيا ۾ ”ڪارو ڏينهن“ ملهايو ??يندو، اهو ڏينهن ڀارتي فوجين ج?? سرينگر ۾ داخل ٿيڻ جي 77 سال مڪ??ل ٿيڻ جي موقعي تي بطور ڪارو ڏينهن ملهايو ??يندو. پريس بريفنگ ۾ هن چيو ته ڪشميري عوام ڪڏهن به پنهنجي سرزمين تي ڀارتي قبضي ۽ خودمختياري جي حق کان مسلسل انڪار کي قبول ناهي ڪيو. ترجمان چيو ته ڪشميرين ج??ن ڏهاڪن ج?? قبضي ۽ ڏاڍ جي باوجود پنهنجي حقن ۽ آزادي جي لاءِ انهن ج??ن امنگون زندهه آهن. هن چيو ته پاڪستان گڏيل قومن ج?? سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ ڪشميرين ج?? سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.